نوري آباد (ن پ ا ) نوري آباد انڊسٽري زون ۾ مزدور 18ورهين جو فيڪٽري اندر ڊيوٽي دوران مشين ۾ ڳلو ڪنڌ اچڻ سبب فوت ٿي ويو. عرفان ميتلو ايشيا بورڊ فيڪٽري ۾ مشين تي ھيلپر ھو، مشين جي ريپئر جو ڪم هلندڙ هيو جنھن سبب مشين ۾ سندس ڳلو ڪنڌ ڦاسي پيو جنھن کي پوليس جي بغير ڪارروائي جي سندس اباڻي ڳوٺ راڄو خاناڻي مڙهه منتقل ڪيو ويو.فيڪٽري اندر ٺيڪيداري نظام آھي، جتي ٺيڪيدار وٽ پورهيت ڪم ڪندڙ هو، جتي مزدورن لاءِ ڪا به سيفٽي موجود ناھي، اھڙا حادثا زورجو معمول بڻيل آهي. نوجوان اڪيلو گهر جو ڪمائيندڙ هو، سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، عرفان شادي شده هوکيس هڪ پٽ جو اولاد آهي.