نوري آباد (ن پ ا) ڪوھستان سجاڳ تنظيم پاران تڪبندين ۾ 55 ڳوٺن کي يوسي جھمپير مان ڪٽي يوسي ڄنگھڙي ۾ شامل ڪرڻ، اسڪول بند هئڻ ۽ بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف ڳوٺ حاجي عثمان جاکرو ۾ ڪوھستاني انور جاکرو،  عبدالجبار پالاري، عمر برفت جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته 55 ڳوٺن کي يوسي ڄنگھڙي ۾ شامل ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، نه ڳوٺ پڪا ٿيا ۽ نه ئي ڪي بنيادي سھولتون ملي سگھيون. ھنن چيو ته ڳوٺن جا اڪثر اسڪول بند ھجڻ ڪري ٻارڙا تعليم کان محروم بڻجي مال چارڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن گھر ڪئي تہ بند ٿيل اسڪول کولرائي سندن ڳوٺن جا ووٽ يوسي ڄنگھڙي بجاءِ يوسي جھمپير ۾ شامل ڪري ڪوھستاني زمينن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن.