نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد پوليس سماجي اڳواڻ ڀائي خان پالاري جي نوجوان پٽ راهب پالاري ۽ ڀاءُ نظام پالاري کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو،وارثن جي درخواست تي سول جج ٿاڻو بولاخان نوري آباد ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر ٻئي ڀائر هٿ نه آيا. ڀائي خان پالاري صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته زمين تي بلڊر مافيا محمود رنگون وارو جعلي ڪاغذ ٺهرائي قبضو ڄمائي ويٺو آھي، ڳوٺن مٿان هر روز فائرنگ ڪرائي هراسان ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته محمود رنگون جي بڇ تي نوري آباد پوليس مهنجي ڀاءُ ۽ پٽ تي ايس ايڇ او نوري آباد خانگي جڳهين تي رکي تشدد ڪيو آهي. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن نظير پالاري ايس يو پي ڪوهستان جي اڳواڻ شير علي پالاري آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ڄامشورو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان کي فوري بازياب ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،