نوري آباد(ن پ ا) نوري آباد ويجھو ڦر دوران مزاحمت تي مزدا ڊرائيور قتل ٿي ويو. ان ڏس ۾ لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ايم نائن موٽروي روڊ تي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ خراب بيٺل مزدا جي ڊرائيور کان ڦورون پاران ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڊرائيور  پاران  مزاحمت ڪرڻ تي ڦورون پاران پسٽل جو فائر ڪري  ڊرائيور کي گولي ھنڻي  شديد زخمي  ڪري وڌو، جنھن کي پوليس موبائل ذريعي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سھڻ سبب  ڊرائيور واحد بخش ولد مهر خان جتوئي فوت ٿي ويو . لوڻي ڪوٽ پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوئ پڻ ڪئي وئي آھي.  فوتي ڊرائيور جي مڙھ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي واحد بخش جتوئي جي فوت تي جي تصديق ڪئي وئي جنھن بعد پوليس جي ضروري ڪاروائي بعد فوتي شخص جو مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو  لوڻي ڪوٽ پوليس پاران جانچ جاري آھي، واقعي واري هنڌ جو اڃا تائين ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو  ٻي پاسي نوري آباد ٿاڻي تي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود ايس ايچ او مقرر نه ٿي سگھيو.