نوري آباد(ن پ ا) نوري آباد ويجهو ايم نائن موٽري روڊ تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار مسافر وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ جي ديوار سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت، ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي ٻارڙي جي سڃاڻپ اٺن ورهين جو همت علي کوسو طور ٿي آهي زخمين ۾ محبت کوسو، مدد علي، تنوير احمد شامل آهن، جيڪي سيوهڻ بوبڪ جا رهواسي هئا زخمين کي 1122 جي مدد سان نوري آباد ٽراما سينٽر ۾ طبي امداد ڏئي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تان وين ڊرائيورفرار ٿي ويو، واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.