ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) نوري آباد جي صنعتي ڪارخانن جو زهريلي ڪيميڪل وارو پاڻي برساتي نالن ذريعي ڪينجھر ڍنڍ طرف وڌندي درگاھه گوگڙو پير وٽ پھچي ويو ۽ پڻ زھريلي پاڻي جي چوپائي مال پاران واپرائڻ سبب چوپايو مال جي مرڻ ڪري مالوندن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا، متاثر ڳوٺاڻن دانھون ڪندي فورن طور تي صنعتي ڪارخانن واري زھريلي پاڻي جي نيڪال کي بند ڪرائي ٿيل نقصان جي ازالي جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾ جھمپير ويجھو درگاھه گوگڙو پير لڳ ڳوٺ درياءَ خان جاکرو جي ڳوٺاڻن سڪندر جاکرو، عيدن، خليفو الھجڙيو جاکرو، گل بيگ، محمد بخش، محمد سليم جاکرو ۽ احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو آهي ته نوري آباد جي صنعتي ڪارخانن جي زھريلي، گندي پاڻي جو نيڪال برساتي نالن ۾ ڪيو پيو وڃي، جيڪو پاڻي ڪينجھر طرف وڌي رھيو آھي، ھنن چيو ته زھريلو گندو پاڻي ھن وقت درگاھ گوگڙو پير ڳوٺ درياءَ خان جاکرو کان اڳتي نڪري ويو آھي ۽ سندن چوپايو مال زھريلو پاڻي پيئڻ ڪري مري رھيو آھي جنھنڪري کين وڏو نقصان پھچي رھيو آھي، پر نوري آباد جي صنعتي ادارن جي انتّظاميه ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن انڪشاف ڪندي چيو ته ھاڻي برساتن جي مند شروع ٿي ويئي آھي ۽ زھريلو پاڻي برساتي نالن وسيلي ڪينجھر ڍنڍ ۾ شامل ٿي ان کي به خراب ڪري ڇڏيندو، جيڪو پاڻي ڪراچي جي عوام سميت ضلعي ٺٽي جي عوام پيئڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي، ھنن گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي نوري آباد جي صنعتي ڪارخانن جي زھريلي پاڻي جو ڇوڙ برساتي نالن ۾ ڪرڻ بجاءِ متبادل ذريعي ٻئي ڪنھن ھنڌ منتقل ڪري مقامي رھواسين کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي ڪينجھر ڍنڍ جي پاڻي کي به گدلي ٿيڻ کان بچايو وڃي.