نوري آباد(ن پ ا) قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اڳواڻ آغا محمد عباس پٺاڻ مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد پنھو لکاڏنو پالاري شڪيل انصاري لياقت گبول سيف الدين ڪاھوڙ پريس ڪلب نوري آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جي قانون مطابق مزدور جي ڊيوٽي 8 ڪلاڪ آھي، اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ پورھيو جيڪو مزدور کان ورتو وڃي ٿو اھو آور ٽائيم ۾ ڪائونٽ ڪيو وڃي. نوري آباد ڪوٽڙي ۾ مختلف فيڪٽرين جا ڪارخانا آھن، جن ۾ پگھار ٽائيم تي نٿي ڏني وڃي ۽ ٺيڪيداري نظام قائم ڪيو ويو آھي، جيڪو غير قانوني عمل آھي جيڪڏھن ڪنھن فيڪٽري يا ڪارخاني ۾ پورھيت ٽن مھينا مزدوري ڪري ٿو ليبر جي قانون مطابق ملازم مزدور کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو آھي، پر ھتي سرمائيدار ادارن ۾ رشوت ڏئي نظام کي خريد ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب مزدور پورهيت جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي نوري آباد ۾ ڪيتريون ئي قائم اڪثريت فيڪٽرين ۾ ملازم ڏھاڙي ٺيڪداري نظام تحت ھلي رھيون آھن ليبر نالي ڪا به شيز موجود ناھي مزدورن کي بونس سميت ڪا به انشورنس نٿي ملي خاص طور تي علائقي واسين ۽ سنڌين جي ڀرتي تي پابندي لڳل آھي فيڪٽرين ۾ پورھيو ڪندڙ مزدورن سان پيش ايندڙ حادثن ۾ ڪيترا فوت ٿي وڃن ٿا ليبر ڊپارٽمنٽ سان ملي ڪري معاملي کي دٻايو وڃي ٿو قانوني طريقي سان مزدورن جي وارثن کي ڪو به معاوضو نٿو ڏنو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته فيڪٽرين جا آفيسر انچارج فورمين مينيجر مزدور کي حراسان ڪرڻ غلط زبان استعمال ڪرڻ بند ڪن ڪمپنين ۾ مزدورن لاءِ رھائش کاڌ خوراڪ سميت پگھارون صحيح ڪري انصاف ڪن ھنن وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل ادارا ۽ سنڌ حڪومت ليگل نوٽيس وٺي فيڪٽرين اندر ڪم ڪندڙ مزدورن جي حقن کي بحال ڪري بي چيني ختم ڪري ٻي صورت ۾ قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ روڊن تي ھوندا.