نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد جي صنعتي زون جي فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ زھريلو ڪيمڪل وارو پاڻي نئين لوياچ ۽ اجھيڪار وسيلي ڪوھستان جي ڳوٺ موندر خان پالاري ۾ ٺھيل سمال ڊيم ڪلوکوھر ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. سمال ڊيم ۾ ڇوڙ ٿيڻ بعد ساڳيو زھريلو پاڻي قدرتي برساتي وھڪرن وسيلي مٺي پاڻي جي ڍنڍ ڪينجھر ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آھي، جنھن سبب ڪينجھر ڍنڊ گدلاڻ ۾ تبديل ٿيڻ لڳي آھي. نوري آباد جي صنعتي زون جي فيڪٽرين مان نڪندڙ زھريلي مادي وارو زھريلو گندو پاڻي ڪينجھر ڍنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب آبي جيوت لاء پڻ خطرو پيدا ٿيڻ سان گڏ نوري آباد جي صنعتي زون ايشيا بورڊ بيسٽ بورڊ سميت ٻين ڪارخانن مان نڪرندڙ زھريلو پاڻي ڳوٺ آچار پالاري، عطر پالاري، موندر خان سميت ٻين آبادين ڀرسان گذرڻ سبب چوپائي مال جا چراگاھه پڻ متاثر ٿيڻ لڳا آهن، ان سان گڏ چوپايو مال ڪيميڪل وارو پاڻي پيئڻ سبب ڀاڳين جو نقصان ٿيڻ لڳو آھي، پر انتظاميه اڃان تائين ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو، متاثر رھواسين وحيد علي شير علي پالاري ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي آھي ته نوري آباد جي صنعتي ادارن جي زھريلي پاڻي جو ڇوڙ آبادين توڙي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بجاءِ متبادل ٻئي طرف ڇوڙ ڪري عوام کي امڪاني نقصان توڙي ڪينجھر ڍنڍ کي الودگي کان بچائڻ سميت چوپائي مال کي به نقصان کان بچايو وڃي، جيئن ڀاڳيا به نقصان توڙي پريشاني کان بچي سگھن.