ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) نوري آباد سائيٽ ۾ زمينن تي قبضن ۾ سائيٽايريا جا آفيسر ملوث هئڻ جو انڪشاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇا اها زمين سائيٽ آفيسرن جي پيءُ جي جاگير آهي؟  صنعتي علائقن ۾ زمينن تي ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟ مون پنهنجن اکين سان ڏٺو آهي ته سکر ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري هوٽل ٺاهيا ويا آهن، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل انڪشاف ڪيو چيو ته سائيٽ ايريا جا آفيسر ڪرپٽ آهن، هنن سائيٽ ايريا کي مال پاڻيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته اڄ به پئسا وٺي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرايا پيا وڃن، ذميوار پوليس آفيسر بيان ڏئي گهر وڃي سمهي پون ٿا، اڄ ئي ملوث پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو حڪم ڏيون ٿا، ان موقعي تي سرڪاري وڪيل چيو ته انهي معاملي تي عدالت سان گڏ آهيان، عدالت جنهن ڪارروائي جو حڪم ڏيندي، اسان کي  انهي تي اعتراض نه هوندو، جسٽس آفتاب ڳورڙ چيو ته ڇا سرڪاري زمين سائيٽ وارن جي پيءُ جي جاگير آهي، هنن کاتي کي ڪاروباري بڻائي ڇڏيو آهي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل عبدالحفيظ عدالت کي ٻڌايو ته 2005ع  ۾ پوڻا پنج ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي، نوري آباد سائيٽ وارن وڌيڪ چار پلاٽ ٺاهي وڪرو ڪري ڇڏيا، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.