نوري آباد انڊسٽريل زون ۽ مقامي ماڻهن سان ناانصافيون!

0
57
نوري آباد انڊسٽريل زون ۽ مقامي ماڻهن سان ناانصافيون!

 سنڌ جو ڪوھستاني علائقو جيڪو قديم دؤرن کان فطرت، پهاڙي حسن، صاف هوا ۽ قدرتي وسيلن سان ڀرپور رهيو آهي، اڄ جديد دور جي صنعتي تباهيءَ جي ور چڙهيل آهي. نوري آباد انڊسٽريل زون، جيڪو ضلعي ڄامشوري جي حدن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد  جي وچ تي ايم نائين موٽر وي جي ڀرسان واقع آهي. هي زون سنڌ حڪومت طرفان 1980ع ۾ قائم ڪيو ويو ته جيئن صوبي جي صنعتي ترقي کي هٿي ملي، روزگار جا موقعا وڌن، ۽ مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ سڌارو اچي. هن وقت هڪ اندازي موجب هتي 200 کان وڌيڪ فيڪٽريون هلي رهيون آهن، جتي هزارين ماڻهو روزگار سان لڳل آهن، پر افسوس، اهي ماڻهو مقامي نه پر ٻين صوبن مان آيل مزدور ۽ ملازم آهن، جڏهن ته مقامي آبادي بي روزگاري، بک، بدحالي ۽ محروميءَ جي زندگي گذاري رهي آهي.

                 نوري آباد کي خاص طور صنعتن لاءِ مثالي هنڌ تصور ڪيو ويو، جتي ڪارخانن کي زمين الاٽ ڪرڻ، واٽر سپلاءِ، روڊن ۽ بجلي جي فراهميءَ جو واعدو ڪيو ويو. پر 45 سالن کان پوءِ به صورتحال اها آهي ته ھتي ڪوبه مڪمل نڪاسي جو نظام ناهي. سيوريج جو پاڻي ۽ زهريلو ڪيميڪل فيڪٽرين مان سڌو ڪلو ندي ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. روڊ رستا اڃا تائين ڪچا، ٽٽل ۽ تباھ حال آهن. دز ۽ دونھن جي خارج ٿيڻ ڪري مقامي ماڻهن جي صحت تي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن،  چمڙي جون بيماريون، ڦڦڙن جا مسئلا، پيٽ ۽ جگر جون بيماريون عام ٿي چڪيون آهن. سائيٽ لميٽيڊ (SITE) جي نااهلي آهي. SITE (Sindh Industrial and Trading Estate)  جيڪو صنعتي علائقن جو انتظام ڪندڙ ادارو آهي، پر نوري آباد ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي ٿو. نه سيڪيورٽي نه صفائي، نه پاڻي، نه بجليءَ جي بنا رنڊڪ فراهمي. انھن سببن جي ڪري ڪو وڏو صنعتڪار ھتي سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.

ماحولياتي انصاف جي لتاڙ!

نوري آباد جون فيڪٽرين روزانو هزارين ليٽر زهريلو پاڻي، ڪيميڪل، دونھن ۽ فاضل مواد کليل ماحول ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ان عمل جي نتيجي ۾ ڪلو ندي، جيڪا اڳ مٺو پاڻي مهيا ڪندي هئي، اڄ زهريلي وهڪري ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. مقامي جيوت، ٻوٽا، جانور، ۽ زمين تباھ ٿي چڪي آهي. ڪابه ماحولياتي چڪاس (EIA) ناهي ڪئي ويندي. SEPA (Sindh Environmental Protection Agency) ماحوليات جي تحفظ وارو ادارو مڪمل طور غيرفعال ۽ خاموش آهي.

روزگار جي درن تي تعصب پرستي جا تالا!

نوري آباد انڊسٽريل زون ڪوھستان جي مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جو دروازو بڻجڻ گهرجي ها، پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. مقامي ڳوٺاڻن لاءِ هي زون “نو گو ايريا” بڻيل آهي. فيڪٽريون صرف هڪ مخصوص صوبي جي ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿيون. مقامي نوجوانن جي تربيت لاءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي بلڊنگ تـ ٺهيل آهي، پر سالن کان بند پيل آهي. فيڪٽري مالڪن، چند بااثر مقامي وڏيرن کي ماهوار ڀتو ڏيئي، مقامي ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ڇڏي آھي جيئن ڪا مزاحمت ۽ گوڙ نـ ٿئي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هن صنعتي زون جو مقصد مقامي ترقي نه، پر صرف ٻاهرين مفاد پرستن کي فائدو ڏيڻ آهي.

سي ايس آر (CSR) صرف ڪاغذن تائين محدود:

Corporate Social Responsibility (CSR)  جي نالي تي هر صنعتڪار پابند آهي ته هو مقامي علائقي ۾ تعليم، صحت، پاڻي، يا ڪو سماجي ڪم ڪري، پر گذريل 45 سالن دوران نوري آباد ۾ هڪ به اسپتال، اسڪول يا صحت مرڪز صنعتڪارن طرفان نٿو ملي. فيڪٽري مالڪ اربين رپيا ڪمائين ٿا، پر مقامي ماڻهن جي فلاح لاءِ رپيو به نٿا ڏين. نوجوانن لاءِ ڪا تربيت، اسڪالرشپ، يا روزگار جي سهولت نٿي ڏني وئي. سي ايس آر ھڪ مذاق بڻجي ويو آهي، جيڪو صرف رپورٽس ۽ ميٽنگن تائين محدود آهي.

فيڪٽرين جي پنجاب منتقلي:

نواز شريف جي پهرين حڪومت دوران، جڏهن پنجاب ۾ صنعتي پاليسين کي ترجيح ڏني وئي، تڏهن نوري آباد مان ڪيترين ئي فيڪٽرين کي لاھور ۽ فيصل آباد منتقل ڪيو ويو. اها سنڌ جي صنعتي نقصان ۽ مقامي ماڻهن جي اميدن جو قتل هو.

حل ۽ تجويزون

* سائيٽ لميٽيڊ  (SITE)  جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.

* زمينن تي غيرقانوني قبضن جا تفصيل پڌرا ڪيا وڃن.

* فيڪٽري مالڪن کي CSR تحت علائقي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي،

* ٽيڪنيڪل ڪاليج فوري طور تي فعال ڪيو وڃي.

* مقامي نوجوانن لاءِ مخصوص ڪئٽيگرين ۾ نوڪريون رکڻ جو قانون لاڳو ڪيو وڃي.

* ماحولياتي قانونن تي عمل لاءِ SEPA کي فعال ڪيو وڃي.

 *صنعتڪارن کي مڪمل سھولتون ڏنيون وڃن ۽ قبضا مافيا کان کين تحفظ ڏنو وڃي!

نوري آباد انڊسٽريل زون صنعتي ترقيءَ جي علامت نه پر ماحولياتي ناانصافي، مقامي ماڻهن سان ظلم ۽ سرڪاري نااهليءَ جو چٽو مثال بڻجي چڪو آهي. حڪومت، سرڪاري ادارن، چونڊيل مقامي نمائيندن ۽ سول سوسائٽي کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ته ايندڙ وقت لاءِ هي صنعتي زون سنڌ توڙي مقامي رھواسين لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مزدور دوست تنظيمن توڙي سياسي سماجي ڌرين کي پڻ آواز اٿارڻ کپي تـ جيئن مقامي ماڻهن کي سندن جائز حق ملي سگھن.