سيوهڻ (ن پ ا ) ناري جي امڙ  شيرين مھر، سندس ٻن ڀائرن ڊاڪٽر محسن، محمد احسن ۽ چاچي جمن مھر انڪوائري آفيسر اي ايس پي سيوھڻ وٽ بيان رڪارڊ ڪرايا. شيرين مھر ميڊيا آڏو الزام مڙھيندي چيو ته ڌيءُ نورين منصور جي ڌمڪين ۾ اچي خودڪشي ڪئي، هن چيو ته اسان کي جڏهن نورين جي نڪاح جي خبر پئي ته اسان منصور کي منٿون ڪيون ته نڪاح ڇڏ پر ھو روز فون ڪري نورين کي چوندو ھو ته مان پوليس وٺي اچي توکي کڻي ويندس، ان پريشر ۾ اچي منهنجي ڌيءُ پاڻ ماريو آهي. ٻئي طرف ناري نورين جي ڀاءُ وٽرنري ڊاڪٽر محسن مھر جو چوڻ ٓهو ته اسان ته تڏي تي ويٺا آهيون، دنيا اڃان ڪيسٽ جو ھڪڙو پاسو ٻڌو آهي، گھر جو ڀاتي به اسان جو ويو آهي ۽ پريشان به اسان کي ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته منهنجي ڀيڻ جي دعويدار مڙس نڪاح ڇڏڻ لاءِ اسان کان 40 لک ورتا آهن، اهڙو رڪارڊ به موجود آهي.