ڦل(رپورٽ: خالد ميمڻ) ڦل پوليس 7 ڏينهن اڳ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل زميني تڪرار تان قتل ٿيل 55 سالن جي چوپائي مال جي واپاري نورنگ لاشاري قتل ڪيس جو مک جوابدار غلام مصطفيٰ لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو ان سلسلي ۾ ڦل ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڌڻي بخش بروهي، وڏي منشي شفيع محمد ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نورنگ لاشاري قتل ڪيس ۾ نامزد 17 جوابدارن مان ڦل ٿاڻي جي پوليس ٽيم اڳ مختلف جاين تي چڙهايون ڪري ست جوابدارن کي هٿيارن، ڪهاڙي ۽ لٺين سوڌو گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو هيو جن ۾ طارق لاشاري، مولابخش لاشاري، اسدالله لاشاري، غلام سرور لاشاري، امجد لاشاري، نظام لاشاري، نذير لاشاري شامل آهن، جڏهن ته اڄ ان ڪيس جي مک جوابدار غلام مصطفيٰ لاشاري کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن ڪهاڙيون هڻي نورنگ لاشاري کي قتل ڪيو هيو جنهن کي اسان وڏين ڪوششن سان گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ تمام جلد ڪيس ۾ نامزد ٿيل باقي رهيل جوابدار به گرفتار ڪري پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين.