نوحو پنهنجي نديءَ جو!

0
71
نوحو پنهنجي نديءَ جو!

گرميءَ جي هڪ شام اسان سنڌو ندي جي ڪناري کان بيٺل هئاسين، ڪناري تي بيٺل ٻيڙيون ايئن ٿي لڳيون جيئن، عورتون سارين جي کرن ۾ بٽئي دوران ٻڪ لاءِ اچي بيهنديون آھن، سنڌو ندي جي بند جي سامهون ٻاهرين ڪنڌيءَ کان  اريگيشن کاتي جون انگريز دور جون ويران عمارتون هيون،  جن ۾ ڪبوترن جا آکيرا هئا، اهي  عمارتون ايئن ٿي لڳيون جيئن رڍون چاريندڙ رولاڪ ماڻھن جون خالي ڀونگيون، جيڪي رات رڻ ۾ رهي ٻئي ڏينهن،  ٻئي هنڌ سندن منزل هوندي آھي، سندن وڃڻ کان پوءِ سندن ڀونگيون ويران هونديون آھن،  درياءَ ڪناري گذاريل هڪ شام پڄاڻان ٻئي ڏينهن اخبارن لکيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي، جنهن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سنڌ جي سر سبز زمين سڪي ويندي. سوچيان ٿو آخرڪار سنڌ سان ايئن ڇو ڪيو ٿو وڃي. هن وقت اسان جي ملڪ تي جيڪڏھن انگريز سامراج حڪمران هجن ها ته به هو ايئن نه ڪن ها، جيئن هن وقت جا حڪمران سنڌ سان ڪري رهيا آھن.

                 سنڌو ندي سان ماڻھن جي محبت جي ڪهاڻي هزارين سال پراڻي ڪهاڻي آھي،  جنهن ۾ ان وقت جا ماڻھو نه فقط مٿس قربان ٿيندا هئا، پر سندن ڌرمي ڪتابن ۾ مٿس سوين گيت رچيندا هئا، ۽ ڀڄن ڳائيندا هئا،  رگويد جي دور کان اڄ ڏينهن تائين، ماڻھو سنڌو کي ماءُ جيان مڃين ٿا. سنڌو ندي جي ڇڪ ايتري ته پرڪشش رهي آھي جو ٻاهرين دنيا جا ماڻھو به سنڌو ڪناري اچي ساڻس پيار ڪن ٿا، مٿس ڪتاب لکن ٿا. برطانيا ڄائي صحافڻ ايلائيس البينيا سنڌو ندي جو ڇوڙ کان منڍ تائين مهينن جو سفر طئي ڪري  مٿس ڪتاب، سنڌو جو سلطنتون،Empires of Indus  لکيو. ايلائيس البينيا ان ڪتاب لکڻ لاءِ ھندستان، پاڪستان، افغانستان ۽ تبت جو سفر ڪيو هو، ان کان اڳ هن هندستان ۾ ٻن سالن تائين صحافي ۽ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو هو.

مون اخبار ۾ چولستان ڪئنال بابت خبر پڙھي،  شعر چيو:

اي شڪاري،

تون سنڌوءَ کي ڪڏھن به روڪي نه سگهندين،

سنڌو ندي اڪيلي ڪونج وانگي

تيز اڏامندي ٿي وڃي،

هوءَ سوين ڪوه سفر ڪري،

ڪنهن سانوڻي سانجھ ويل کاروڇاڻ ۾ وڃي لهندي،

جيئن ڪونج، ٻگهاڻ مان اڏري ڪارونجهر مٿان،

پرڙا  سوئي ڪڇ جي رڻ ۾ ساهي پٽيندي آھي.

ان شام،  وچ سير ۾ لڙھندڙ سج جي منظر کان سوا ٻيو ڪوئي حسين منظر ٿي نه پئي سگهيو،  جڏھن ڪينايون  فضا ۾ ٽڪ ٻڌي هيٺ ڏسي رهيون هيون،  لهرن پاڻي ۾ لهندڙ سج تي هٿ ٿي  ڦيريا.

مون پاسي ۾ بيٺل وانجهي کان پڇيو، جيڪو عاري نثر جيان رکو رکو ٿي لڳو، ٽکڙ جا زنده دل ماڻھو هن تڙ تي ڏينهن ۾ گهڻا دفعا اچن ٿا ۽ ھتان جي ڪيترن شاعرن سنڌو تي قصيدا لکيا آھن،  ۽ اهي قصيدا توکي ياد آھن؟ هتي اڳي اهي ماڻھو ايندا ويندا هئا،  جن کي مڇي وٺڻي هوندي هئي،  هاڻي ته پاڻيءَ جي کوٽ ڪري مڇي به گهٽجي ويئي آھي،  هاڻي ته هتي اسان ئي ايندا آھيون، ٻيڙيون آھن ۽ اسان جا ٻارڙا آھن، قصيدا ڪير لکندو؟ مون کي ياد ڪونهي ته هتان جي ڪنهن شاعر سنڌو تي ڪو قصيدو لکيو هجي، هتي ته هر ماڻھو هن جهان جي جنجهٽ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو پيو آھي هن چيو، مون کي ياد آيو، مون ڪٿي پڙُهيو هو ته ايراني شاعرن قصيدن کي عروج تي پهچايو هو،  پر هنن قصيدا لالچ ۾ لکيا هئا،  هنن ته بادشاهه جي گهوڙي جي نعل کي چنڊ سان تشبيھ ڏني هئي، حافظ جهڙي شاعر به قصيدا لکيا، فيضي شھنشاهه اڪبر جي شان ۾ قصيدا لکيا. اڄڪلھ به منفرد انداز سان قصيدا لکندڙ موجود آھن، جيڪي وزيرن ۽ اميرن تي لکي مراعتون حاصل ڪن ٿا.

مون کي اتي بيٺي ڄڻ غنودگي جي صورتحال وڪوڙي ويئي، چاهيم ٿي ته سنڌو ندي تي ڪو اهڙو ناول لکان جهڙو ناول علي بابا موهن جي دڙي تي موهن جو دڙو ناول لکيو هو،  اهڙي ڪيفيت،  ڪڏھن ڪڏھن فجر ويل وڻن ۾ ٻوليندڙ پکين جي لاتين ٻڌڻ سان به ٿيندي اٿم، آئون ڌرتي تي جابلو قطارن ۽ وهندڙ سنڌو ندي کي ڏسندو آھيان ته چاهيندو آھيان ته، انهن کي توڙ تائين ايئن وڃي ڏسان، جيئن ڪوئي عاشق وڇڙيل محبوب جي تصوير کي ڏسندو آھي. سنڌ جي پهاڙن،  درياءَ، ٻيلن،  ڍنڍن، وهڻن وستين ۽ تاريخي هنڌن جا اسان ئي وارث آھيون،  اسان ڪيتري قدر انهن جي سار سنڀال ڪئي آھي، اهو سوال اهم آھي،  اسان ته انهن جا نالي ماتر وارث بڻيا ويٺا آھيون،  الائي ڇو هن وقت هڪ ڪارڪن کان ويندي وزير تائين سڀ ڄڻ بيوس لڳن ٿا، قومي اسيمبلي جي گذريل سيشن ۾ ڪئنال معاملي تي بحث دوران اها بيوسي پڌري پٽ محسوس ٿي رهي آھي،  جنهن مان اهو واضح هو ته اصل طاقت اڃان به ڪا ٻي آھي،  جيڪا حڪومت کي هلائي ٿي،  فيصلن جو سمورو اختيار ان وٽ آھي، هاڻوڪي ڪئنالن جي فيصلي سنڌ جي هر ننڍي وڏي کي پاڻي لاءِ پريشان ڪيو آھي، مون کي سنڌو ندي  چقمڪي ڪشش جيان ڇڪيندي رهي آھي،  ۽ چاهيان ٿو ته مان ان تي بار بار لکان، جيئن ڪيئي سال اڳ مون سونهن تي بار بار لکيو هو، جنهن جون اکيون وڄ جي تجلي جي گهيراءَ جهڙيون هيون، جنهن کي سامهون ڏسي نه سگهندو هوس، اکيون چورائي ڏسندو هوس،  ڪنهن متوالي شاعر لاءِ سونهن ئي زندگي  ھجي ٿي، سونهن سوا سنسار خزان جي ٻپهري جھڙو لڳندو آھي.

ڀٽائي سائين، سهڻي جي ٻڏڻ تي ميهار جي واتان درياءَ تي قيامت تائين دانهين رهڻ جي گواهي ڏني آھي.

ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آھون ڪري،

تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي  ٻيلي منهنجي ٻانهن؟

درياءَ توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي!

سوچيان ٿو ته هن وقت درياءَ جي جا حالت  ڪئي پيئي وڃي، ان  درياءَ جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ سنڌ ۾ چند محب وطن ماڻھن کانسواءِ باقي ماڻھو سياست جي گرڻ ۾  ڦاٿل آھن،

جيڪي هن ويل پاڻ ڇڏائڻ لاءِ سياست ڪري رهيا آھن،  باقي ڪجھ به نه آھي، ڪيئي سال اڳ ٽي درجي سنڌي ۾ دودي سومري جي ڪهاڻي ۾ گهوڙيسوار جي تصوير هئي،  جا تصوير ريمبرانٽ  Rembrandt.جي پول گهوڙي سوار polish rider جهڙي ته هو بهو نه هئي،  پر ان ۾ تنهائي ۽ خطرو نظر ٿي آيو،  جو خطرو عام سپاهي کي جنگ جي ميدان ۾ نظر ايندو آھي، آس پاس صحرا هو،  گهوڙي جي تاڻيل ناسن مان سندس تيز رفتاري ظاهر هئي ۽ سوار بي ڀئو، سر جو سانگو لاهي  نظر ٿي آيو. هونئن به هر ماڻھو جو انت ڪنهن انڌيري ۾ نيٺ ته ٿيڻو آھي،  ان کان اڳ،  هو بي دليو ۽ سست نه ٿئي ته سٺو آھي.

روز ماڻھو پڇن ٿا،  اسان وٽ پاڻي نه آيو ته، اسان جون سون ورنيون شامون ۽ اڇيون چانڊوڪيون ڪيئن  رهنديون؟ اسان جا فصل ۽ وڻ سڪي ويندا، اسان جا نغما پکين جيان دور اڏامي ويندا، پوءِ اسان ڪيئن جيئنداسين؟ چوان ٿو، نه ڪئنال ٺھندا ۽ نه ئي سنڌو سڪندي، اسان وٽ  معمول جيان گيت ڳائبا رهبا، ڇاڪاڻ ته اڃان ڪميتن جون واڳون  شھسوارن جي هٿ ۾ آھن ۽ اڃان دودي سومري جي اها تصوير موجود آھي، جنهن ۾ هو گهوڙي تي سوار آھي ۽ گهوڙو زور سان هڻڪاري رهيو آھي.