ممبئي (شوبزنيوز) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر، سياستدان ۽ ڪپل شرما شو جو اڳوڻو جج نوجوت سنگهه سڌو 5 سالن کانپوءِ ڪپل سان ٻيهر ڪپل سان گڏ ٿي ويو آهي. هن 2019 ۾ شو سان راهون جدا ڪيون. ان حوالي سان دي گريٽ انڊين ڪپل شو جي نئين پرومو ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نوجوت سنگهه سڌو شو جي ايندڙ قسط ۾ نظر ايندو. پرومو ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نوجوت سنگهه سڌو جج جي سيٽ سنڀاليندو. هن پرومو ۾ ڪپل ارچنا پورن ۽ نوجوت سنگهه سڌو سان گڏ نظر اچي رهيو آهي، پرومو ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ارچنا اسٽيج تي هلندي اچي ٿي ۽ ڪپل کي مداخلت ڪرڻ ۽ سردار صاحب کي پنهنجي سيٽ تان هٽائڻ لاءِ  چوي ٿي. ارچنا موجب هن منهنجي جاءِ سنڀالي آهي، جنهن تي شو جي هن قسط ۾ شرڪت ڪندڙ اڳوڻو ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه نوجوت سڌوءَ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته هن سيٽ تي ڪو به اچي سگهي ٿو پر هو سڌو پاجي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي.