ميلبورن(دلچسپ نيوز) نوجوان 4 هزار ڪلوميٽر سفر اسڪيٽ تي طئي ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريلوي نوجوان ٽام ڊروري ميلبورن کان ڪيرنس تائين سفرڪيو، 28 ورهين جي نوجوان اهو سفر سمنڊ ڪناري تختي تي طئي ڪيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽام جي دوستن ۽ عزيزن شروع ۾ ان کي انتهائي ڏکيو قرار ڏنو هو جڏهن ته گرمي، ٿڪاوٽ ۽ جسم تي ڳنڍا نڪرڻ سبب نوجوان مايوس پڻ ٿيو هو پر پوءِ به هن اهو سفر طئي ڪري ورتو. ان حوالي سان ٽام ڊروري چيو ته هڪ ڀيرو لڳو شايد آئون وڏي غلطي ڪري ويٺو آهيان. سندس چوڻ هو ته همت نه هاري جنهن سبب ڪاميابي ملي،دوست ۽ عزيز خوش آهن.