صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۾ هندو برادري پاران ڪشمور مان اغوا ٿي ويل نوجوان وڪرم لال جي بازيابي لاءِ سندس تصويرون کڻي ۽ ڏيئا ٻاري احتجاجي مارچ ڪيو ويو، ان موقعي تي مکي اشوڪ ڪمار، ڪرشن مل، پنڪو لال، ڪيلاش ڪمار، ملڪي مل، لڇمڻ داس، ڌنو مل ۽ ٻين دانھون ڪندي چيو ته بخشاپور مان نوجوان وڪرم لال کي اغوا ٿئي 5 ڏينهن گذري ويا آهن پر ھن مھل تائين پوليس نوجوان کي ڌاڙيلن جي قيد مان بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هنن چيو ته پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب ھندو برادري ۾ مايوسي ڇانيل آھي، هنن چيو ته اسان امن پسند ڪاروباري ماڻهو آھيون، اسان سنڌ ڄايا آھيون،  اسان کي روزگار ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي، هڪ سازش تحت ٽارگيٽ ڪري ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا، هنن چيو ته  لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ وڏا آسرا ڏنا ته توھان کي نوجوان جلد موٽرائي ڏينداسين پر هن وقت تائين ڪجهه ناهي ٿيو، هنن چيو ته نوجوان وڪرم ڪمار جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ سندس امڙ بيحال ٿي وئي آهي، گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، مندرن ۾ پوڄاپاٺ ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.