ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪار سهيل احمد جو پٽ ۽ اڀرندڙ اداڪار حمزا سهيل رومانٽڪ ڪاميٽي سان او ٽي ٽي پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي ڊيبيو لاءِ تيار آهي. سوشل ميڊيا پيج موجب ڀارتي ويب سائيٽ ”زي 5“ جي سيريز “مسٽر اينڊ مسز شميم“ کانپوءِ هاڻ حمزا سهيل آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي به ڊيبيو ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا پيج موجب ڄاڻايل رومانٽڪ ڪاميڊي سيريز جو نالو ۽ ٻيا تفصيل اڃا سامهون ناهن آيا پر سوشل ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ان سيريز جي شوٽنگ ڪينيڊا ۾ ٿيندي. سوشل ميڊيا اها دعويٰ به ڪئي آهي ته ڄاڻايل سيريز جي ڪهاڻي حمزا سهيل لکي آهي ۽ مک ڪردار به هو پاڻ ئي نڀائيندو.