ٺٽو: سنڌ جي سياحت ، ثقافت ۽ آثار قديمه کاتي جي نگران وزير ارشد ولي محمد چيو آهي ته اسان جي نوجوان نسل کي آثار قديمه بابت مڪمل طور تي بي خبر رکيو ويو آهي جنهن ڪري هو تعليم کاتي کي سفارش ڪندو ته نصابي ڪتابن ۾ آثاره قديمه جي ڪردارن ۽ آثارن متعلق نصاب ۾ مواد شامل ڪري ٻارڻ کي پڙهائڻ سان گڏ تعليمي ادارا پڙهندڙ شاگردن کي مڪلي جا تاريخي آثار ڏيکاري کين انهن جي تاريخي اهميت بابت ڄاڻ ڏين هو ٺٽي جي دوري دوران مڪلي جي تاريخي قبرستان ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هيو هن چيو ته ايشيا جي وڏي قبرستان مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ ڪيترائي ڪردار مدفون آھن جن بابت ٻاهرين دنيا کي ته خبر آهي پر افسوس جو اسان جو نوجوان اڻڄاڻ آهي هن چيو ته سوچڻ جي ڳالھه اها آهي جو اسان جي نوجوانن کي شيڪسپيئر ته پڙھايو وڃي ٿو پر اسان کي پنهنجي تاريخي آثارن ۽ ڪردارن بابت جي سڌ ئي ناهي هن زور ڀريندي چيو ته تاريخي آثارن جي مالڪي ڪرڻ ۽ انھن جي تاريخي حيثيت کي نروار ڪرڻ سميت ماحول جي بهتر سان گھمڻ ايندڙ سياحن جي انگ ۾ به واڌ ٿيندي هن چيو ته سنڌ جي قديم آثارن توڙي ماڳن جي روڊن رستن جي حالت خراب هجڻ ڪري ايندڙ سياحن کي پڻ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.