نوجوان نسل جون زندگيون کائيندڙ منشيات جي مَم … اسلم هزار خان چانڊيو 

0
64

 منشيات هڪ مسئلو ناهي. پر هڪ خطرناڪ زهر آھي، جنهن سنڌ جي نوجوان نسل کان سندس اجرا خواب کسي ورتا آهن. کائنس اجرو صبح کسيو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جو اهو ڪهڙو شهر هوندو جتي منشيات نه واپرائبي هجي. هي نوجوان نسل جي سهڻن سپنن جو قتل، هنن کان اجري آئيندي کي کسڻ ڪنهن کي نظر ڇو ڪو نه پيو اچي. منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ اندر ٿورا گهڻا سماجي تنظيمن جا اڳواڻ متحرڪ رهيا آهن پر بي وسي جو اهو عالم وڃي بچيو آهي ته پوليس کان وٺي هر اهو ادارو اکين تي پٽي ٻڌي ويٺل نظر اچي پيو. خبر هوندي به منشيات فروشن خلاف ڪٿي ڪارروائي ڪا نه ٿي ٿئي. منشيات اسان جي نسل لاءِ تباه ڪن آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اسان وٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، جڊيشري ۽ سول سوسائٽي متحرڪ ٿئي. پاڻ بنهه مايوس ناهيون. اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن مان هر قسم جي منشيات جو خاتمو ايندو. اسان پر اميد آهيون ته پاڻ وٽ ترسيل نراسائي منشيات کان پاڪ ديس جي ضمانت ثابت ٿيندي. بهرحال اميد جو روشن ڏيئو پاڻ وٽ موجود آهي. منشيات فروش ڏوهارين ۽ وائيٽ ڪالر دلالن کي هتان جو قانون انهن ملوث ڌرين کي منطقي انجام تائين ضرور رسائيندو. پاڻ ايڪيهين صديءَ ۾ ساه کڻي رهيا آهيون، ان باوجود جديد دور جي تقاضائن مطابق پاڻ وٽ نه هجڻ برابر شيون آهن. حرص ۽ لالچ جي ڊڪ ڊوڙ چند ڌرتيءَ دشمنن ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت کي نشي جي ور چاڙهي سندن رت کي ڪنهن قدر ڄمائي ڇڏيو آهي. نوجوانن جي ٻين مثبت رجحانن کي نشي آور شين کي واپرائڻ ۾ مگن ماڻهو سنڌ ۽ سنڌين جو سڄڻ ناهي. هي هڪ ڊگهي جنگ آهي. شارٽ ڪٽ ذريعي ناڻو ڪمائيندڙ نادانن کي ڪير سمجهائي ته هي ڪهڙي ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن؟ هي جيڪو زهر کپائي رهيا آهن تن ۾ کين ملندڙ ٿورو ڪي گهڻو مالي فائدو نوجوان نسل جي تباهيءَ جي ڀيٽ ۾ تِڇ آهي. چوڌاريءَ نظر ڦيرجي ٿي ته دل دانهون پئي ڪري. ڪجھ ڏينهن کان مان عجيب ڪيفيت ۾ آھيان، اسانجي نوجوان نسل کي ڇا ٿي ويو آھي، شريف شريف ماڻھن جو اولاد نشي آور شيون واپرائڻ لڳو آھي. نوجوان نسل تباهيءَ جي رستي تي هلي رهيو آھي. افسوس اهو آهي ته انهن جي زندگيءَ کي اپاهج بڻائيندڙ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ ڀرپور ۽ سگهاري تحريڪ شروع ناهيون ڪري سگهيا. هن هيڏي وڏي قومي ڏوهه تي بندش ناهي وڌي وئي. قانون ڪاغذن تائين محدود ٿي آھي، هر هڪ پاسي قانون انهن منشيات فروش ماڻهن جي منٿلي جو محتاج ٿي ويو آهي. يقينن نتيجا به اهي نڪرندا جيڪي بي فائدي هوندا. هي به ڪهڙو ديس چئجي جتي کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ ڪئي وڃي ۽ هر انسان دشمن نشو پابندي لاڳو هجڻ باوجود به وافر مقدار ۾ ميسر هجي ۽ سرعام کپندو رهي. قوم کي فائدو نه رسائي سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي نقصان به نه رسائجي. پاڻ قلمڪار آهيون. ڌرتيءَ جي ماڻهن جي درد کي احساسن جي مس سان اخبار وسيلي اوھان سان انهن سمورن رخن تي اوهان سان اندر کي اورڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس – پاڻ جيڪو مون ڏٺو آھي.

اسان وٽ اڪثر پئسن وارا ماڻھو نشي وارين شين جا عادي بڻيل آھن، جيڪي لڪ ڇپ ۾ نشي واريون شيون استعمال ڪن ٿا، اهي ھوريان ھوريان پنهنجي دوستن کي به نشي تي هيرائي رهيا آھن، ۽ چوندا آھن، “ سنگت ۾ ويٺا آھيون سگريٽ پيئو”. پوءِ انهن سگريٽن ۾ “چرس” وجهي انهن کي ھوريان ھوريان هيرائي جڏھن اهو مڪمل ان نشي جو عادي ٿي وڃي ٿو، پوءِ اهي دوست انهن نوجوان دوستن مان هٿ ڪڍي ٿا وڃن ته اهو ماڻھو/ نوجوان پريشان ٿي وڃي ٿو، پوءِ گهر جو سامان کپائي به نشو واپرائيندو – ڪائي کپائڻ لاءِ گهر جي شيءَ نه ملندس ته يقينن ڏوهه ڪندو. پاڻ وٽ هيروئن، آفيم، چرس کان آئيس جي نشي جو واهپو عام ٿي چڪو آهي. انهن جي عادي ماڻهن جي گهڻائي اڪثر ڏٺي هوندي ته هيروني ۽ آئيس جو نشو ڪندڙ نوجوان رستن تان گند ڪچري مان خالي بوتلون ميڙيندا رهن ٿا. انهن گند ميڙيندڙ نشائين ۾ نوجوانن سان گڏ وڏي عمر جا ماڻھو به شامل ڏسندا هوندئو. اها وڏي تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. اها ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي…!ڪافي نوجوان مقامي درگاهن تي نشو واپرائين ٿا، آئس جنهن کي شيشي وارو نشو چيو وڃي ٿو، جيڪو ماڻھو کي اندر ئي اندر ۾ ختم ڪندو رهي ٿو، نوجوانن کي هيرائي انهن جون زندگيون تباھ ڪن ٿا، جنهن ۾ جيڪي انهن کي عادي ڪن ٿا پوءِ اهي ئي ڌنڌو کولي ويهي ٿا رهن. پوءِ سڀ نوجوان انهن کان خريداري ڪن ٿا ان نشي سان گڏو گڏ “آفيم، ھيرون، چرس ڀنگ، سوپاري گٽڪو” ۽ کوڙا سارا نشا واپرائين ٿا…!

نشي واران جو گروپ ئي الڳ آھي، هڪڙا وري دوستن جي ئي اوطاق تي نشو واپرائين ٿا، پيءُ ماءُ کي دوستن جي باري ۾ ٻڌائي اهي اتي وڃي نشو ڪن هاڻ ته شراب به فيشن طور پيئڻ؛ لڳا آهن، پوءِ هلندي هلندي اهي پنهنجي ئي گهرن جون چوريون ڪن ٿا، گهرن جا سامان وڪڻن ٿا، گهر وارن سان جهيڙا ڪن ٿا، والدين ذهني اذيت جو شڪار آھن، پر بدقسمتي سان پوليس انهن سمورن ڪارنامن ۾ ملوث آھي، جيڪا ڀتو ۽ منٿلي وٺي کين اجازت ڏئي ڇڏي ٿي ته ڀلي وڃي هيروئن جو ڪاروبار ڪيو پر مقرر منٿلي پهچايو.

گٽڪي سوپاري  جو استعمال!

هن نشي تي 10 سالن جي عمر جا معصوم ننڍڙا ٻار به هيراڪ آھن، جيڪي روز جي بنياد تي ٻه سئو کان ويندي چار سئو جون نشي آور سوپاريون وٺن ٿا، جيڪي کائن ٿا، هڪ ڏھاڙي مان هڪڙي هنڌ ويٺس پوري ڏينهن ۾ اهڙو لقاءُ ڏٺو مان حيران ٿي ويس. جنهن دڪان تي مان ويٺو هئس، ان تي هڪ دڪان تي روز ڪي پنج سئو جون ڪي ھزار جون ڪي 3 سئو جون خريد ڪري رهيا ها. مان ته حيران ٿي ويس ته ايترا پئسا ڪٿان ٿا اچن؟ مهيني جو حساب ڪجي ته هڪ گهر جي راشن جيترو خرچ آھي، ننڍڙا وڏڙا هن نشي جا عادي بنجي ويا آھن، مان ان دوست کي چيو هي ڪم بند ڪر هن سان ماڻھن جون زندگيون تباھ پيون ٿين، پر هو فقط مرڪي رهيو ھو، مان اتي ايندڙ ماڻھن کي ڏٺو ڳالهائڻ وقت ان جو آواز به نه پيو نڪري ماڻھن جو وات بند ٿي وڃي ٿو، وات جي ڪينسر جا به خطرا آھن، پر پوءِ ڀي ماڻھو ڄاڻي واڻي زندگيون تباھ ڪن ٿا، هن نشي ۾ به نوجوان سنگت ۾ هيراڪ ٿين ٿا، هڪڙي ماڻھو ٻئي تائين منتقل ڪري ٿو، پوءِ هوريا هوريا دوستن جو پورو گروپ ان نشي جو عادي بنجي وڃي ٿو. هڪڙو ڪڙو سچ به لکندس يقين ڪريو جن غريبن جون نياڻيون ڏسن ٿا، انهن جي مجبورين کي پيسي تي خريدي سڀ ڪجهه ماڻي وٺن ٿا. ساڳيا ئي پئسي وارا ماڻھو انهن نياڻين کي بليڪ ميل ڪن ٿا. ڀلي هي سڀ ڪجھ لڪ ۾ ٿيندو هجي پر هي سڀ ڪجھ غلط ٿي رهيو آھي، جنهن ۾ رياست جو خاموش تماشائي هجڻ اهڙن واقعن ۾ ملوث هجڻ برابر آهي. گهڻو گند آهي. سماج اندر حوس جي شڪارين وٽ هر حربو آهي. انهن مان ڪجهه خوبصورت غريب عورتن جي مڙسن کي نشي جو هيراڪ بڻائي، کين قرض پکا ڏيئي ئي انهن جي نياڻين ۽ گهر وارين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائين ٿا. زندگي زهر ڪندڙ انهن مردن کي ڪير سمجهائي ته هو پاڻ لاءِ ڪيترو عذاب خريدي رهيا آهن. پرائي مجبورين سان کيڏڻ ڪم ظرف ماڻهن جو ڪم آهي.منشيات واپرائڻ سبب الائي ڪيترين جوان نياڻين جون طلاقون ٿيون آھن، ماڻھن جا گهر اجڙي ويا آھن، پر افسوس جو پوليس ۽ رياست فلاحي ناهي ٿي سگهي. انهن منشيات فروشن جي ڳچيءَ ۾ پٽو وجهي ناهن سگهيا. خبر وار پوليس منشيات فروشن کي پنهنجو اي ٽي ايم سمجهي ٿي. انهن کي مجال آهي جو گرفتار به ڪري، قانون جي پاسداري ڪندي ڪٿي نظر ايندي هجي. هي انڌو قانون ۽ انجا گونگا ٻوڙا سپاهي سماج کي بي ستو ۽ نشي جي عادي بڻائڻ ۾ ملوث سمجهيا وڃن – سندن رات جي پيٽ ۾ غريب مان امير ٿيڻ پٺيان اهو ئي راز آهي. ٿيڻ ائين   گهرجي ته سنڌ پوليس ڀتي وٺڻ بدران ڊيلرن کي گرفتار ڪري ڇو ته نشو اهڙي عادت آھي جيڪو پوري خاندان سميت قوم کي تباھي جي ڪناري تي پهچائي ٿو. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته پوليس کان اهڙي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻيرن گهرڻ جي برابر آھي.