رتوديرو(ن پ ا) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ محبوب خان لهر جي رهواسي ڳوٺاڻن رتوديرو پريس ڪلب اڳيان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ انعام الله پيرزادو، در محمد، ذوالفقار، محمد صلاح، سراج احمد، نثار احمد، عظمت لهر ۽ ٻين چيو ته 3 ڏينهن اڳ چوري واقعي دوران فائرنگ۾جوابدار بادشاهه عرف واحد بخش لهر مارجي ويو هيو، جنهن جي وارثن اسان مٿان قتل جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، پوليس گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري هڪ ڄڻي شهزادو لهر کي بيگناه گرفتار ڪيو آهي،هنن چيو ته واقعي سان اسان جو واسطو ناهي، جاچ ڪرائي وڃي.