ميلبورن (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر خرم شهزاد انجري سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي.پرٿ ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ خرم شهزاد سائيڊ اسٽرين جو شڪار ٿيو هو، هن پهرين ميچ جي ٻي اننگز ۾ مجموعي طور 5 وڪيٽون ورتيون هيون.