ڪراچي(اسپورٽس نيوز) بلوچستان ۾ فٽبال رانديگر پريڪٽس دوران دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ جهانزيب خان بڙيچ کي سردار يعقوم خان ناصر فٽبال اسٽيڊيم ۾ فٽبال پريڪٽس دوران دل جو دورو پيو. فوري طور تي ويجهي اسپتال پهچايو ويو پر اهو بچي نه سگهيو. پرنس فٽبال ڪلب جي نمائندگي ڪندڙ 24 سالن جو جهانزيب غير شادي شده هو. اڳوني قومي ڪپتان عيسيٰ خان نوجوان فٽبالر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت پڻ ڪئي آهي.