خيرپور (رپورٽر) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگرد سوسائٽيز سينٽر ۾ محفل ميلاد منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين شر ڪئي، صدارتي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ سڀني لاءِ خوشي جو ڏينھن آھي جو اسان نبي اڪرم صلعم جي ولادت جو جشن ملهائي رهيا آهيون، ھن زور ڏنو ته اسان جي نوجوانن کي نبي پاڪ صلعم ۽ قرآن پاڪ جي تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي، پروفيسر ڊاڪٽر سجاد رئيسي چيو ته اسان کي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي نرمي، ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ گهرجي، مجيب الرحمان سولنگي، سرڪار اسدي ۽ ڊاڪٽر غلام اظهري پڻ پان سڳورن جي زندگي ۽ تعليم تي روشني وڌي، تقريب ۾ شمائلا رباب رضوي، ڊاڪٽر علي رضا لاشاري، سيد رضا عباس عابدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ نعت ۽ قرات جي مقابلن ۾ کٽندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.