حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد ۾ ڪرڪيٽ ڪلب اڪيڊمي جو افتتاح ڪندي چيو ته سنڌ جا نوجوان باصلاحيت آھن انھن کي اسپورٽس ڪرڪيٽ، ھاڪي، فٽبال، اسڪواش ۽ ٽينس ۾ موقعا ملڻ گھرجن. گرائونڊس، ڪوچ ۽ سھولتون ملن ته ھو شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن ٿا. اسپورٽس ۾ سنڌ جي ماڻھن ۾ وڏو ٽيلنٽ آھي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ اڳتي وڌڻ جي تمام گھڻي گنجائش آھي پر انھن کي موقعا نٿا ڏنا وڃن. سنڌ جي نوجوانن کي انٽرنيشل اسپورٽس ڪرڪيٽ فٽبال، ھاڪي، سوئمنگ ۽ ٻين راندين ۽ ڪلچر ۾ موقعا ڏنا وڃن ته سنڌ جو نوجوان ڪمال ڪري سگھي ٿو. هن چيو ته جيڪي راندين جا وفاقي بورڊ  آھن اھي سنڌ جي نوجوانن سان فرق رکن ٿا. سنڌ جي نوجوانن کي راندين ۾ آڻڻ لاءِ ڌيان ئي نٿو ڏنو وڃي. ھاڻ به لوڻ برابر ڪرڪيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آھي پر اھو نا ڪافي آھي اڃا وڌيڪ موقعا ڏنا وڃن. ڪلچر ۽ راندين جا پروگرام ڪري سنڌ جي نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪري انھن کي اڳيان اچڻ جا موقعا ڏنا وڃن ۽ پريڪٽس ڪرائي وڃي. هن چيو ته لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ننگرپارڪر، عمرڪوٽ، مٺي، بدين ميرپورخاص، سانگهڙ، ٺٽو، سجاول سميت سنڌ جي ھر ٽائون ڪميٽي ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال، هاڪي ۽ ٻين راندين جون اڪيڊميون کوليون وڃن ته جيئن نوجوان اڳيان وڌي سگهن