اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم يوٿ پروگرام بابت اجلاس ٿيو. وزر اعظم چيو ته اڏام پاڪستان منصوبي سان سڄي ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي پيشه ورانه صلاحيتن سان نوازڻ ضروري آهي، نيوٽيڪ ۽ وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل صلاحيتن جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. حڪومت خانگي شعبي کي پروموٽ ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري گهٽائڻ جي پاليسي تي عمل لاءِ سرگرم آهي، پاڪستان جو مستقبل آءِ ٽي شعبي جي ترقي سان جڙيل آهي. وزيراعظم جي هدايت ڪئي ته دوست ملڪن جي مارڪيٽن جي ضرورتن مطابق هڪ پلان آف ايڪشن تيار ڪيو وڃي ته جيئن نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم ٻاهرين ملڪن ۾ ملازمت فراهم ڪرڻ لاءِ جعلي ۽ لائسنس کان بغير ڪمپنين خلاف قدم کڻڻ جي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جلد ئي نوجوانن لاءِ پرائم منسٽر ڊجيٽل يوٿ حب جي نالي سان هڪ پليٽ فارم قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن ذريعي نوجوانن کي نوڪرين ۽ ٻين خدمتن بابت ڄاڻ ڏني ويندي.