اسلام آباد: وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سنڌ ٻهراڙي نظرانداز، شهري سنڌ لاءِ نوان آءِ ٽي سينٽرز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بجيٽ تقرير دوران ناڻي وزير چيو ته وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ان پروگرام تحت 161500 نوجوانن کي اسڪلز ٽريننگ ڏني ويندي، 5600 کي آءِ ٽي، 6400 کي انڊسٽريل ٽريڊ، 49000 کي روايتي ٽريڊز ۾ تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته شهري سنڌ ۾ 8 نوان آءِ ٽي ٽريننگ سينٽرز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام لاءِ ڏيڍ ارب جو اضافو ڪندي 6 ارب مختص ڪيا ويا، گذريل بجيٽ ۾ ساڍا 4 ارب رکيا ويا هئا، پي ايم يوٿ اسڪيم لاءِ 7 ارب 40 ڪروڙ جو اضافو ڪندي 16 ارب مختص ڪيا ويا آهن، گذريل بجيٽ ۾ 8 ارب 60 ڪروڙ رکيا ويا هئا، ايندڙ بجيٽ ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ 33 ڪروڙ رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي، 80 ڪروڙ رکيا ويا آهن، گذريل بجيٽ ۾ پاڪستان پروگرام لاءِ هڪ ارب 13 ڪروڙ رکيا ويا هئا. پي ايم يوٿ بزنس لون لاءِ بجيٽ ۾ 10 ڪروڙن جي ڪٽوتي ڪندي 40 ڪروڙ رکيا ويا آهن، گذريل بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رکيا ويا هئا.