نوبل انعام يافته محمد يونس بنگلاديش جو عبوري سربراهه مقرر

0
52

نوبل انعام يافته محمد يونس بنگلاديش جو عبوري سربراهه مقرر، 84 سالن جي محمد يونس کي عبوري حڪومت جو چيف ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو

اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ سندس ڀارت ڏانهن فرار ٿيڻ بعد صدر محمد شهاب الدين، فوجي قيادت ۽ شاگرد اڳواڻن محمد يونس کي عبوري سربراهه مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

 محمد يونس ذميواريون سنڀالڻ لاءِ سڀاڻي پئرس کان ڍاڪا پهچندو، جڏهن ته بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن دوران مارجي ويلن جو انگ 500 کان ٽپي ويو، ڪاوڙيل ماڻهن جيل تي حملو ڪري 500 قيدي فرار ڪرايا، جشن جو سلسلو  ٻئي ڏينهن به جاري رهيو

پروفيسر محمد يونس جو چوڻ آهي ته جڏهن ايڏيون قربانيون ڏيندڙ شاگرد مون کان ڏکي گهڙي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهان

 پروفيسر محمد يونس کي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻ تي 2006 ۾ امن جي عالمي نوبل انعام سان نوازيو ويو هو

 محمد يونس پنهنجي گرامين بينڪ ذريعي غريب ماڻهن کي ڪاروبار لاءِ قرض ڏيندو هو، استعيفيٰ ڏئي فرار ٿي ويل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد محمد يونس کي عوام جي رت چوسيندڙ شخص قرار ڏنو هو