نوان ڪينال: سنڌ جي مخالفت جا ڪارڻ

0
28
نوان ڪينال: سنڌ جي مخالفت جا ڪارڻ

 جولاءِ 2024ع ۾ ارسا آرڊيننس جي منظوري سان گڏ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو ته ڪيترن ئي ليکڪن، بشمول منهنجي، آرڊيننس ۽ ڪينالن خلاف قلم کنيو. سنڌ جي وطن دوست تنظيم عوامي تحريڪ سڀ کان پهرين 17 نومبر تي ڪراچيءَ جي رستن تي هزارين عورتن ۽ مردن کي گڏ ڪري ڪينالن جي منصوبي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته جهڙوڪ سڄي سنڌ ڪر موڙي اٿي پئي! اڄ اها تحريڪ ڪنهن هڪ تنظيم جي تحريڪ نه رهي آهي، بلڪه هاڻ هيءَ تحريڪ هڪ عوامي هلچل جو روپ وٺي چڪي آهي. سنڌين جي اجتماعي شعور جو اهڙو رجحان هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جو زندگيءَ جي هر شعبي جو ماڻهو اٿي بيٺو آهي. عوامي ٻڌيءَ جو اهڙو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ورلي ملي ٿو.

استحصالي قوتن کان خبرداري

اهو فطري عمل آهي جو جڏهن عوام متحد ٿيندو آهي ته استحصالي قوتون پنهنجو پورو زور لڳائي عوام جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ جا جتن ڪنديون آهن. ان لاءِ هو عوام جي ايڪي کي نسلي، قبائلي، قومي تڪرارن کي اڀاري ڦوٽ وجهنديون آهن يا وري جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪنديون آهن. سنڌي ماڻهن جي عوامي جدوجهد جو اهڙو شاندار مثال، جتي حڪمرانن کي وضاجتن ۽ صفائين تي آڻي بيهاريو آهي، اتي هنن پنهنجن منظور نظر اديبن، دانشورن کي عوامي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ ۽ جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ميدان تي لاٿو آهي، جن وڏي چالاڪي ۽ هوشياري سان بانسريون وڄائڻ شروع ڪيون آهن. جيڪي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن توڙي گفتگو ۾ هيٺيون ڳالهيون ورجائين پيا:

* اصل مسئلو ڪينالن جو نه پر ڪارپوريٽ فارمنگ جو آهي.

* اسان کي اعتراض رڳو چولستان ڪينال تي آهي، باقي ڪينال ڀلي ٺهن!

* ڪينال ڀلي ٺهن پر پاڻيءَ جي ورڇ صاف شفاف هجڻ گهرجي ۽ صوبن کي برابر حصي جي پاڻي ملي.

* گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي فيصلي تحت ڪينال ٺهڻ گهرجن.

* صوبن جا اعتراض دور ڪرڻ گهرجن. ان لاءِ گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو اجلاس گهرائجي.

* سسٽم ۾ پاڻي ناهي ته ڪينال ٺهي به ويا ته پاڻي ڪٿان ايندو! وغيره وغيره.

هاڪ وهندو هاڪڙو….

اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ به سنڌو درياھ جو ساٿي درياھ “هاڪڙو” سنڌ جي اوڀر وارن علائقن کي سرسبز بڻائيندو هو، جيڪو درياھ گهاگهر جي فورٽ عباس کان وهڪري جي شڪل وٺي اوڀر طرف لهندو اچي ناري ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ هڪ بيت هاڪڙي درياھ جي وهڪري بابت پڻ آهي:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بيھ، مڇي ۽ لوڙه، سمي ويندا سوکڙي.

مطلب ته ان وقت هاڪڙي درياھ جو وهڪرو اروڙ کان به اڳتي ناري ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ زرخيزي اهڙي جو ٺٽي ۽ لس ٻيلي تائين به سوکڙيون وينديون هيون، جو ڄام سمان ٻيلي جا هئا ۽ سندن تختگاھ ٺٽو هو. نه صرف ماموئي فقيرن جي بيتن ۾، پر ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ بندن ۽ واهن توڙي وهڪرن جي ذڪر مان اها به پروڙ پئي ٿي ته سنڌ آبپاشي نظام ۾ انگريز سرڪار کان به اڳري رهي آهي. اهڙو اظهار خود انگريز محقق ۽ جاسوس سر جيمز برنس به ڪيو آهي. پر وقت به وقت پنجاب پاران هاڪڙي درياھ جي مک ذريعي درياھ ستلج تي لڳندڙ ڌاڙن هاڪڙي درياھ جي هشمت کسي ورتي. راجڪوٽ (راجسٿان) کي ريگستان بڻايو. چون ٿا ته ان جي پڄاڻيءَ جا ڪي آثار بهاولپور جي اردگرد موجود آهن! تازو ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙيءَ جو ناول “وڄڻوٺ” به ڪنهن اهڙي پراڻي شهر جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو هاڪڙي درياھ جي ڪنڌيءَ تي آباد هو. چوڻ جو مقصد هي ته سنڌ جي زرخيزيءَ جا جيڪي 2 مک ذريعا (درياه) هئا، تن مان هڪ درياھ پنجاب اڳ ئي اسان کان چورائي چڪو آهي ۽ هاڻ گذريل سئو سالن کان سندن ميري اک سنڌو درياھ جو پاڻي چورائڻ تي آهي.

پنجاب- ناقابل يقين!

1895 کان 1900ع تائين جو سوڪهڙو ۽ ڏڪار هاڪڙي درياھ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو! جو تيستائين پنجاب بنا سنڌ جي راضپي جي 1859 کان وٺي ڪيئي ڪينال ڪڍي پاڻي چوري ڪندو رهيو. سنڌ ڏڪار جو شڪار بڻي. 1859ع کان ئي پنجاب سان سنڌ جو پاڻيءَ تي جهيڙو جاري آهي. 1859ع ۾ سنڌو درياھ مان پنجاب بنا سنڌ جي راضپي يا پڇا جي، دوآب ڪينال ڪڍي عالمي قاعدن ۽ قانونن جي خلاف ورزي ڪندي سنڌو درياھ تي ڌاڙو هنيو ۽ پوءِ 1885ع ۾ پنجاب 3 نوان ڪينال سڌنئي، لوئر چناب ۽ لوئر جهلم ٺاهي پنجاب سنڌو درياھ جو پاڻي چورائيندو رهيو. جنهن لاءِ سنڌ کان ڪابه اجازت نه ورتي وئي. جڏهن ته عالمي اصولن تحت مٿانهين تي رهندڙن کي درياھ جي وهڪرن کي موڙڻ يا روڪڻ کان اڳ هيٺانهين وارن کان اجازت ۽ راضپو وٺڻ لازم آهي. ان اصول تحت سنڌو درياھ تي سنڌ واسين جو بنيادي حق آهي، پر پنجاب جو حڪمران طبقو انگريزن جي ننڍي کنڊ ۾ پير پائڻ کان سندن ٻنڌو ٻانهو رهيو آهي، تنهنڪري انگريزن کي سندن ارھ زورايون نظر نه آيون، بس ڪميٽيون ٺاهي سنڌين کي ڏٽا ڏيندا رهيا. ان بعد 1960ع تائين پنجاب سنڌ جي اجازت بغير اپر چناب، لوئر دوآب، اپر سوات، جهلم ڪينال ڪڍي سنڌو درياھ تي ڌاڙو هڻندو رهيو ۽ انگريز سرڪار کين خاموش حمايت سان نوازيندي رهي. ڪيئي ڪميٽيون جهڙوڪ ڪاٽن ڪميٽي، رائو ڪميشن، انوارالحق ڪميٽي وغيره وغيره جڙيون پر سنڌ جو ڪيس ڌڪجندو رهيو.

1960ع جو سنڌ طاس معاهدو

هي معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيو هو پر هيٺانهين جو حق تسليم ڪندي سنڌ طاس معاهدي جو نالو ڏنو ويو! مان نٿو سمجهان ته ان معاهدي ۾ به ڪو سنڌ جو راضپو هو، جو اسان جي تنهن وقت جي پيڙهي ٻڌائي ٿي ته اهو سمجهوتو پنجاب ۽ ڀارت وچ ۾ هو، جنهن ۾ پنجاب جي حڪمران طبقي 3 درياھ ستلج، راوي ۽ بياس ڀارت کي ڏيئي ڇڏيا. ۽ 10 سالن جي اندر ڀارت معاهدي تان ڦري ويو. پاڪستان کي انهن درياهن مان پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيائين. پاڪستان سرڪار احتجاج بلند ڪيو پر ڀارت اهو چئي اعتراض رد ڪري ڇڏيو ته پاڪستان راوي ۽ بياس جي بيسن جو پاڻي استعمال ڪندو رهيو آهي/ڪري پيو، تنهنڪري ڀارت پاڻي ڏيڻ کان ٺپ نابري واري ڇڏي. هاڻ راوي ۽ بياس جي بيسن جو پاڻي ته پنجاب استعمال ڪيو يا مٿانهين رپيريئن سزا ڏني پئي وڃي هيٺانهين رپيريئنز کي.

چور چوريءَ کان وڃي پر هيراڦيريءَ کان نه وڃي!

پنجاب جي زورآورين کان تنگ اچي جڏهن سنڌ جا ماڻهو رستن تي نڪتا ۽ سخت احتجاج ڪيو ته پنجاب سنڌ کي سرمو پارائڻ شروع ڪيو. ٻوڏ جو بهانو ڪري پهريان تونسه- پنجند ڪينال سنڌو درياھ مان ڪڍي چناب جو پيٽ ڀريو ويو ۽ ڇشمه جهلم لنڪ ڪينال ڪڍي جهلم درياھ کي سيراب ڪيو ويو. هيراڦيريءَ کان ڪم وٺندي چيو ويو ته اهي ڪينال رڳو ٻوڏ جي صورت ۾ وهايا ويندا! جڏهن ته هاڻ اهي ڪينال 12 ئي مهينا آب ۽ تاب سان وهي رهيا آهن. چون ٿا چولستان ۽ ٿل ڪينال کي پاڻي چناب ۽ جهلم مان ڏينداسين پر اهو به ته ٻڌايو جهلم ۽ چناب کي پاڻي ڪٿان ڏيندا!؟ يقينن اهو پاڻي سنڌو درياھ مان ئي کنيو ويندو، جهڙي ريت هاڻ به کڻي رهيا آهن! نوان ڪينال ڪي معمولي ڪينال نه آهن، خاص ڪري چولستان ته هڪ 176 ڪلوميٽر طويل ڪينال آهي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل

عوام جون اکيون ڏسڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪينالن جو مسئلو گڏيل مفادن جي ڪائونسل آڏو رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي گڏجاڻيءَ لاءِ وزيراعظم کي خط به لکيو ويو آهي، پر اهو فورم ڪنهن به ريت ننڍن صوبن جي حق ۾ ناهي، جو اتي ٿيندڙ فيصلا اتفاق راءِ سان نه پر اڪثريتي راءِ سان ٿيندا آهن. وزيراعظم سميت 3 وفاق جا نمائندا ۽ پنجون وزير اعليٰ پنجاب. اهي هڪ حتمي اڪثريت جو جڙاءُ ڪن ٿا. گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي جوڙجڪ ته اصولن سينيٽ جيان برابريءَ جي بنياد تي هجڻ گهرجي ها ۽ صوبن کي به پنهنجي خودمختياريءَ جو احساس ٿئي ها پر هڪ اهم اداري جي تڪراري جوڙجڪ ننڍن صوبن ۾ احساس محروميءَ کي جنم ڏيڻ جو ڪارڻ بڻيل آهي. جيتوڻيڪ سي سي آءِ جي فيصلي کي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس بلڊوز ڪري سگهي ٿو پر اسان ڀليءَ ڀت ڄاڻون ٿا ته اتي به فيصلا هڪ طرفا ئي ٿيندا آهن.

لوڪ لڏڻ تي، چري اڏڻ تي!

جديد تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته ڪينالن جي گهڻائي نه رڳو پاڻيءَ جي زيان جو سبب بڻجي ٿي پر درياهن جي خشڪ ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ به ڪينال بڻجن ٿا. سينٽرل ايشيا جا ڪيئي ملڪ ان جو بهترين مثال آهن. جهڙوڪ منگوليا، تاجڪستان، ازبڪستان نمايان آهن، جن محدود کيتيءَ لائق زمين کي قابل ڪاشت بڻائڻ لاءِ ڪينالن جو ڄار وڇايو پر واري ۽ مٽي ڪينالن جي پاڻيءَ کي ڳِهي وئي ۽ درياھ خشڪ ٿي ويا. افغانستان اهڙي صورتحال کي سمجهندي پنهنجي مک هيلمند درياھ کي ڪٽ لڳائڻ بجاءِ مزار شريف کان ڪينال ڪڍي رهيو آهي، جنهن کي برساتي ريلا ڀريندا. جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي مصر پنهنجي عظيم صحرا کي گلزار ڪرڻ جو پراجيڪٽ هٿ ۾ کنيو آهي پر اهي ڪينال ڪڍڻ بجاءِ پائيپ ۽ پمپنگ ذريعي واريءَ جي هيٺان ئي پاڻي حاصل ڪري ٽارگيٽيڊ فارمنگ ڪري رهيا آهن. اهڙا ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا، جيڪي ڪينالن کي ادراڪي بنيادن تي رد ڪن ٿا.

تاريخ جو سبق:

اسان لاءِ هڪ وڏو سبق ته هاڪڙي درياھ جي انت جي صورت ۾ آهي، جيڪو درياهن تي مسلسل ڪٽ لڳڻ سبب ڪيئي شهرن کي ويران ڪري ويو، پر سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو مثال به موجود آهي. جڏهن ڪلهوڙا حڪمرانن  تنهن وقت سنڌ جي رڻ ڪڇ ۽ ڀُڄ جي علائقي تي ڪاھ ڪري  “سنڌي ڪافرن” کي سبق سيکاريو ۽ جهوناڳڙھ تائين علائقو تهس نهس ڪري ڇڏيو پر پوءِ به سندن ڪاوڙ جهڪي نه ٿي ۽ سنڌو درياھ جو وهڪرو موڙي رڻ ڪڇ بجاءِ ٺثي طرف ڪري ڇڏيو. نتيجتن رڻ ڪڇ ۽ ڀُڄ سميت موجوده ٿرپارڪر به ريگستان بڻجي ويو. ساڳي ريت جيڪر پنجاب ڪينال ڪڍي درياه کي موڙيندو ۽ خشڪ بڻائيندو ته سنڌ يقيني طور ٿر وارو ڏيک ڏيندي!