مٺي/نئون ڪوٽ(نمائندن وٽان) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي مٺي ۾ مالهي هائوس ۽ نئون ڪوٽ ڀرسان پارٽي اڳواڻ ڀورا لال جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوان ڪئنال 6 ڪروڙ عوام جي موت جو منصوبو آهن، پاڪستان جو وجود سنڌ سان ڳنڍيل آهي، مشڪريون بند ڪيون وڃن، 6 نوان ڪئنال ٺهيا ته پوءِ پاڻي سکر بئراج کان هيٺ هڪ ڦڙو به نه ايندو، هاڻي منافقت نه هلندي، عوام سڄاڳ ٿي چڪو آهي، ڪئنال منصوبو ٺهڻ نه ڏبو، سنڌ جون زمينون سنڌين جي ملڪيت آهن، اُهي نيلام ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته تڪراري ڪئنال ڪڍڻ کانپوءِ ڊائون اسٽريم ۾ ڪربلا واري صورتحال هوندي جنهن ڪري ٺٽو، بدين، سجاول، جي لکين ايڪڙ زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ انسانن توڙي پکين، جانورن ۽ وڻن جو جياپو به ناممڪن هوندو ۽ سنڌ مڪمل طور ڀڙڀانگ بڻجي ويندي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن، سنڌ سرڪار سنڌ جي زمين ۽ وسيلن کي ڪميشن خاطر نيلام ڪري رهي آهي، سنڌ جون زمينون ڪنهن سرڪار نه پر سنڌي قوم جي ملڪيت آھن، انهن کي نيلام ڪرڻ جو سرڪار کي ڪوبه اختيار ناهي، هن چيو ته سنڌ مشڪل دور مان گذري رهي آھي، قوم کي متحد ٿي فيصلائتي جدوجهد جي تياري ڪرڻ گهرجي، ان کان اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر گهنشام مالهي جي پٽ جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايس ٽي پي جا مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو، ڊاڪٽر سومار مڱريو، ڀورا لال ميگھواڙ، سجاد ڪنڀار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.