سکر (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌوءَ تي ڀارتي حملي کي نامنظور قرار ڏيندي چيو آهي ته مودي ٻڌي ڇڏ درياءَ مان پاڻي وهندو يا توهان جو رت، ڪئنالن وارو منصوبو دفن ٿي ويو، هاڻي اهو اڳتي نه وڌي سگهندو. 2 مئي تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪئنالن تي اعتراضن جو حل ڪڍيو ويندو، پ پ چيئرمين پهرين مئي تي ميرپور خاص ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ معاهدو ٿيو آهي ته صوبن جي مرضي بنا ڪوبه نئون ڪئنال نه ٺهندو، پيپلز پارٽي جا جيالا ميدان ۾ نه اچن ها ته اهو ممڪن نه ٿئي ها، معاهدي کان اڳ اڪثريت جي بنياد تي فيصلو ٿي سگهيو پئي ته صوبن جي مرضي بنا ڪئنال ٺهن، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي طئه ڪيو آهي ته سمورن صوبن جي راضي ٿيڻ کانپوءِ ڪئنال ٺهندا، وفاق ٻيهر واضح ڪيو ته پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي، اها سنڌ جي ڪاميابي آهي جو سنڌو کي خدشن ۽ خطرن کان بچائي ورتو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌو تي هڪ ٻيو حملو ڀارت پاران ڪيو ويو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ دهشتگردي جو الزام پاڪستان تي مڙهندي سنڌو طاس معاهدو مڃڻ کان انڪار ڪيو، ڀارت کي به ٻڌايون ٿا ته سنڌو اسان جو آهي ۽ رهندو، درياهه ۾ يا اسان جو پاڻي وهندو يا هُنن جي رت وهندي، هر پاڪستاني سنڌو جو سفير بڻجي دُنيا تائين نياپو پهچائيندو ته سنڌو تي ڀارتي ڌاڙو منظور ناهي، ڀارت جو فيصلو واپس ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکي ويندي.بلاول چيو ته وزيراعظم کي خاطري ڪرايان ٿو ته سنڌو جي معاملي تي گڏ آهيون، اسان وفاق ۽ پاڪستان جو آواز بڻجنداسين، ڪنهن کي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. پ پ چيئرمين جبلاول جي تقرير دوران پنڊال مان بار بار ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا لڳندا رهيا.