ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ايس ٽي پي جي مرڪزي وائس چيئرمين نثار ڪيريو، عورت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حاڪمزادي ٿيبو، ڪريم ڪيريو، گلزار مگسي ۽ دريامهر چيو آهي ته نوان ڪينال منصوبا سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيندا. سنڌ جي عوام کي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، نون ڪينالن جي خلاف 24 اپريل تي ميرپورخاص- حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻداسين. هنن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي گذريل 7 مهينن کان نون ڪينال منصوبن جي خلاف “سنڌ منهنجي ماءُ، سنڌ منهنجو ساهه” جي نالي سان احتجاجي تحريڪ هلائي رهي آهي. اهڙو اظهار هنن ميرپور خاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نون منصوبن تي عملدرآمد ٿيو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا ۽ سنڌ جي زمينون بنجر بڻجي وينديون. هنن وڌيڪ چيو ته مرڪزي حڪومت پيپلزپارٽي جي سهاري بيٺل آهي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي مسلم ليگ (ن) جي حمايت ڇڏي ڏئي ته حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي. هن ميرپورخاص جي عوام ۽ آبادگارن کان اپيل ڪئي ته هو 24 اپريل تي ميرپورخاص- حيدرآباد ٽول پلازه تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ سان محبت جو ثبوت ڏين.