نوان جتوئي(ن پ ا) يوسي وڳڻ جي رهواسين فقير مظهر علي کوسو، ملوڪ، رفيق کوسو ۽ ٻين پاران يوسي چيئرمين ياسين وڳڻ خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران هنن الزام هنيو ته چيئرمين هر مهيني ملندڙ 10 کان 12 لک رپين جي يوسي بجيٽ مان ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بجيٽ جو ناجائز استعمال ڪري عوامي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي،ڳوٺاڻن ايم اين اي ذلفقار بهڻ، ايم پي اي ممتاز چانڊيو کان مطالبو ڪيو آهي ته چيئرمين خلاف فوري طور تي جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ سميت سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.