مورو (ن پ ا) نوشھروفيروز جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نوان جتوئي ۾ جتوئي ھائوس تي چڙھائي ڪري اڳواڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جي بنگلي جو سرچ آپريشن ڪيو، پوليس ڪجهه نه ملڻ تي واپس رواني ٿي وئي، پوليس چڙهائي بابت جتوئي ھائوس جي ترجمان بيان جاري ڪيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس 50  کان مٿي موبائلن ۽ بڪتر بند گاڏين ۾ اچي چڙهائي ڪئي ۽ هائوس جي تلاشي ورتي، ترجمان چي ته پوليس گذريل ڏينهن مختلف ھنڌن کان ھاري ۽ ملازم کمڀي کڻي وڃي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن.