نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ڀرسان پُراڻا جتوئي ۾ سهڙاليٽ شاخ ۾ پاڻي بند ھئڻ خلاف آبادگارن پاران قيوم ڀٽي، رفيق ڪورائي، عبدالرسول ڀٽي، رسول بخش ڪورائي، عمران ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب سارين، ڪمند، وونئڻ جي فصل سڪي ويا آهن، آبپاشي کاتي جا عملدار تباھ ڪري رھيا آھن، نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.