نوان جتوئي(ن پ ا) نوان جتوئي ويجھو ڳوٺ ٺٽ ڳوراھي جي رھواسي نوجوان ايوس شان زال جي رسي وڃڻ تي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان کي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جي امڙ روئيندي ٻڌايو ته اسان پهريان گوٺ ٺٽ ڳوراھي ۾ رهندا هياسين، ڪجھه وقت کان نوان جتوئي ۾ رھون پيا، منھنجو پٽ ايوس شان گهر واري جي رسي وڃڻ تي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي نوشهرو فيروز اسپتال پهچايو پر زهر جسم ۾ ڦھلجي ويو ۽ هو فوت ٿي ويو، هن الزام هنيو ته پٽ ايوس شان جي زال جا ٻين ماڻهن سان ناجائز تعلقات آهن، جنهن ڪري گهر ڇڏي هلي وئي، هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا.