نوان ايندڙ حُڪمران عوام جا ڀرجهلا بڻجندا؟!

0
21
نوان ايندڙ حُڪمران عوام جا ڀرجهلا بڻجندا؟!

 عام طور تي جڏهن به اليڪشن ويجهو ايندي آهي ته الائي ڇو اسان سڀني جي دلين ۾ اهو گمان جنم وٺڻ لڳندو آهي ته اليڪشن هر مسئلن جو حل هوندي آهي، ۽ اليڪشن کان پوءِ اسان جا سڀ جائز ڪم  ۽ مطالبا تسليم ڪبا. بلڪه حقيقت هميشه ان جي ابتڙ هوندي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو جنم وٺي ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي اسين ڇو ان اليڪشن کي مسئلن جو حل ٿيڻ سمجهڻ لڳندا آهيون. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اليڪشن ۾ جيڪي چڱا مٺا اسان جي گهرن، دُڪانن ۽ اوطاقن ڏانهن ورڪ ڪرڻ جي صورت ۾ ﻭﻭٽ پنڻ ايندا آهن، اُهي اهڙيون ته ابتيون سبتيون پٽيون پڙهائيندا آهن جو اسان جي عوام گذريل وقت کي وساري ان اميدوار جي روبرو ڪيل ڳالهين يا ٽي-وي ۽ نيٽ وسيلي ٻڌل ڳالهين جو شڪار ٿي ماضي کي وساري مستقبل جو اونهو ڪندي ووٽ جو فيصلو ڪندي آهي. جنهن جو نتيجو جيڪو نڪتو سو ورهين کان توهان اسان جي سامھون آهي. توهان ۽ اسان هر اليڪشن ۾ اهو ڏسندا آهيون ته هر تڪ جو هر اميدوار عوام جي خدمت ڪرڻ جون رڙيون ته ڪندو آهي پر پوءِ اُن تڪ جو چونڊيل نمائندو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ته ٺهيو پر عوامي مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هوندو آهي. جڏهن ملڻ وڃ ته اهو چونڊيل نمائندو ڪڏهن ڪراچي، اسلام آباد  ته وري ڪڏهن ننڊ ۽ اسپتال ۾ هوندو آهي. جڏهن هو عوامي مسئلا ٻڌندو ڪونه ته اسيمبلي ۾ عوامي مسئلن بابت ڳالهائيندو ڪيئن؟ پوء توھان ۽ اسان جا اهي چونڊيل نمائندا گوسڙو ماسترن وانگي اسيمبلي اجلاسن ۾ به مسلسل غير حاضر هوندا آهن. ۽ اهڙن چونڊيل نمائندن جي دؤر ۾ اوھان کي ترقياتي ڪمن ڪارن جي ڪارڪردگي رپورٽ فقط لسٽ جي صورت ۾ آفيسن ۾ پيل اي فور پنن تي ملندي ۽ ٻيو ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي اهڙا اميدوار عوام جا هڏڏوکي ۽ همدرد ٿي ڪري اوهان کي مختلف اخبارن جي اشتهارن واري حصن ۾ ووٽ گهرندي نظر ايندا.

سوال آهي ته ڇا اليڪشن کان پوءِ اسان جا مسئلا حل ٿي سگهندا ته يقينن ان جو جواب ان طرح هوندو ته ماضي کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ بهتر هوندو. جڏهن ماضي ۾ ڪڏهن به اليڪشن بعد عوامي مسئلا حل نه ٿيا آهن ته هاڻي وري ڪيئن ٿيندا؟ حالانڪه اليڪشن کان پوءِ اها اسان واري اليڪشن اسان لاءِ هڪ نئين اڻ کٽندڙ مسئلن کي جنم ڏيندي. جنهن جو خاتمو شايد ئي ويجهڙائي ۾ ٿيڻ ممڪن ھجي. هاڻي ايندڙ حڪومت جو اهو ئي چوڻ هوندو ته ملڪ اڳي ئي بحرانن جي ور چڙهيل آهي اُن کي stable ٿيڻ لاءِ زمانو لڳندو. مطلب ته اليڪشن بعد اسان جي عوام اها سوال به نه ڪري سگهندي ته آيا ڇو ويجهڙائي ۾ ملڪي بحرانن ڪر کنيو آهي. ۽ هاڻي اليڪشن بعد ملڪي بحرانن جي حل ٿيڻ جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر هوندو.

هاڻي اسين اينداسين هيٺئين طرف ته ڇا اليڪشن کان پوءِ اسان جا چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا؟ حالانڪه اتي انهن نمائندن جو اهو ئي جواب هوندو ته نئين حڪومت ٺهي آهي پئسا نه آهن، فنڊ رليز نه ٿيا آهن يا وري وفاق ۾ اسان جي پارٽيءَ جي حڪومت نه آهي يا آئون MPA آهيان، صوبي ۾ منهنجي پارٽيءَ جي حڪومت نه آهي جهڙن عذرن جا انبار لڳي ويندا.

هي اسان اليڪشن جي حوالي سان جيڪي به جلسا جلوس ڏٺا آهن، پوسٽر، جهنڊن، ۽ گاڏين وغيره جون قطارون وغيره،  اُن سڀ خرچ سميت جيڪي روز جي بنياد تي مختلف علائقن مان مختلف اميدوارن هٿ کنيا ، ظاهر آهي اُن سڀني جو خرچ عوام جي پئسن مان ئي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح کنيو ويندو. توهان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو هوندو ته اليڪشن کان پوءِ توھان جي ڳوٺ ۾ گيس ملي ھجي، ڪو اسڪول يا اسپتال کلي ھجي, يا ڪو روڊ رستو ٺهيو ھجي. ماضي ۾ ڪي ترقياتي ڪم ٿيا به هوندا ته اُهي ترقياتي ڪم اليڪشن ويجهو ايندي ئي شروع ٿيا هوندا ۽ اليڪشن جي تاريخ ملندي ئي تڪ واري ڀوتار اُن اسڪيم جو افتتاح ڪيو هوندو. حقيقت ۾ روڊ، اسڪول يا اسپتال جي افتتاح ئي ووٽ وٺڻ لاءِ پن جي صورت ۾ هڪ خاص قسم جي صدا هوندي آهي. هاڻي هن اليڪشن کان پوءِ ٻيو ڪم ٿئي نه ٿئي پر سڀ کان پهريان ورڪ دؤران اميدوارن کان سوال ڪندڙن سميت مخالف اميدوارن ۽ اُن جي ووٽرن کان حساب ڪتاب ضرور ورتو ويندو، هارايل پولنگ اسٽيشنز جا رهواسي ته بس پنهنجي انتقام کي ويجهو ايندي ڏسندا ھوندا، ۽ پورا پنج سال هارايل پولنگ اسٽيشنز وارن علائقن ۾ ڪو ترقياتي ڪم ٿيڻ مشڪل ته ٺهيو پر ممڪن به نه آهي.  اليڪشن کان پوءِ ڪامياب آزاد اميدوار وزارتن سميت مختلف قسم جي صورتن ۾ ادائگين ذريعي پنهنجي پاڻ کي مختلف سياسي پارٽين جي حوالي ڪندا.