اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز شريف ۽ ان جي خاندان خلاف شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ تحقيقات بند ٿي وئي، ايگزيڪيٽوَ بورڊ وڌيڪ 5 ڪرپشن ڪيسز بھ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيئرمين نيب جي صدارت ھيٺ ايگزيڪيٽوَ بورڊ جو اھم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نواز شريف ۽ ان جي خاندان خلاف شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نواز شريف تي ٽرسٽ جي کاتن جي آڊٽ نھ ڪرائڻ ۽ رقم ۾ خرد برد جو الزام لڳايو ويو ھو. اھو بھ الزام ھيو تھ شريف خاندان اثاثا ٺاھيا آھن جيڪي ٽرسٽ جي نالي تي آھن، نامي ملڪيتن جي طورتي رکي وئي ھئي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ پانامھ جي آءِ ٽي تجويز ڏني ھئي تھ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ھاڻي نيب ترميم ٿيل نيب ايڪٽ 2022 جي سيڪشن 31 بي تحت جاچ بند ڪري ڇڏي آھي.