اسلام آباد/ ڪوٽ ادو ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين سياستدانن کي خلائي مخلوق ۽ مون کي عوام مان اميد آهي. ڪوٽ ادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اڪيلو سياستدان آهيان، جيڪو عوام ڏانهن ڏسي رهيو آهيان ۽ عوام کان ووٽ گهري رهيو آهيان، اقتدار ۾ اچي اميرن ۽ اشرافيا کي تڪليف، جڏهن ته عام ماڻهو کي رليف ڏينداسين. هن چيو ته سڀني سان ڳالهايو، سمجهايو ته پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن، منهنجي اميدوارن کي اسيمبلين ۾ پهچايو ته جيئن پنهنجي وڏن جو اڻپورو مشن پورو ڪري سگهان، تير ئي شينهن جو شڪار ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ ن جي وزارتِ عظميٰ جي اميدوار کي مناظري جو چيلينج ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هوته ن ليگ جو وزارتِ عظميٰ جو اميدوار ٽي وي تي ويهي مون سان بحث ڪري. هن چيو تهنن حالتن ۾ پوئتي پيل طبقي کي رليف ڏيارينداسين.  هن چيو ته ن ليگ سياست کي سياست ناهي ڇڏيو. ن ليگ جو سياسي انتقام کان سواءِ ڪو ارادو ناهي. شهيد بينظير وزيراعظم ٿي ته سياسي قيدين کي آزاد ڪيو. پ پ سياسي انتقام جي سياست نه ڪندي آهي. آصف زرداري جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هو. اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿو، سياست کي دشمني تائين نه وٺي وڃو. هي ماڻهو پنهنجي دل ۾ بغض رکندا آهن. نوازش ريف پنهنجي اخري اننگز ۾ جمهوري رويي سان سياست ڪري. نواز شريف آءِ جي آءِ واري سياست ڪري رهيو آهي. اسان ڏٺو آهي ته نواز شريف ڪيئن ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچايو آهي.  آصف زرداري ۽ منهنجي پاليسي ۾ ڪو فرق ڪونهي. جيڪڏهن ن ليگ هجي يا پي ٽي آءِ انهن کي پراڻي سياست ڪرڻي آهي ته آئون انهن جو ساٿ نه ڏيندس.  پاڪستان جي اڪثريت نٿي چاهي ته ڪو شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿئي. اسين پر اميد آهيون ته حڪومت ٺاهينداسي. پيپلزپارٽي آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي.  اسين آزاد اميدوارن سان گڏجي 172 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري سگھون ٿا. اسان جو آزاد اميدوارن سان رابطو آهي اسين سرپرائز ڏينداسين.  منهنجو بلڪل ارادو ناهي ته ن ليگ کي گڏ کڻي هلان. هن چيو ته ميثقاق جمهوريت تي صرف پاڪستان پيپلزپارٽي عمل ڪيو آهي. ن ليگ هاڻي ميثاق جمهوريت کي ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن سان گڏ هلڻ ۾ ڪا تبديلي نظر نه پئي اچي. ن ليگ پراڻي سياست ڪرڻ چاهي ٿي.  هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ۾ مون کي وزارت ڇڏي ڏيڻ کپي ها ۽ مون ڪوشش به ڪئي. پي ڊي ايم ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي اسان جي نظريي مطابق نه هئا. آصف زرداري ۽ پارٽي کي چئي ڇڏيو هو ته ايئن نه هلي سگهنداسين. آصف زرداري کي چيم ڌار ٿي وڃڻ گھرجي، ان چيو ائين نٿو ڪري سگهان، زبان ڏنل آهي، دوکو نه ڪندس.  هن چيو ته شهباز شريف جون ذاتي مجبوريون هيون. اسان کيس کليو ڇڏي ڏنو هو.  پنهنجي منشور مطابق چونڊ مهم هلائي رهيو آهيان.

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ صرف مهانگائي جو شڪار ڪنداسين. ڪنهن جي ڳالهائڻ سان ڪو به فرق نٿو  پوي، 8 فيبروري تي رڳو تير تي ٺپا لڳندا ۽ نواز شريف کي ئي ايندڙ وزيراعظم بڻايو ويندو،  اين اي 119 لاهور ۾ چونڊ سرگرمين جي حوالي سان مريم نواز جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽ جي سينئر اڳواڻن پرويز رشيد، علي پرويز ملڪ، شائسته پرويز، مريم اورنگزيب، حنا پرويز بٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چونڊ تيارين جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هي صرف چونڊ کٽڻ نه پر عوام کي مهانگائي کان نجات ڏيارڻ جي جنگ آهي. ڇو جو عوام تمام گھڻا مسئلا ڏسي ڇڏيا، هاڻي انهن کي مسئلن جو حل ڏيڻو آهي. هن چيو ته واعده پاڙڻ لاءِ عوام ووٽ صرف نواز شريف کي ڏئي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اسان بيروزگاري ۽ غربت کان نجات ڏيارڻ جو عملي پروگرام جوڙي ورتو آهي. عوام 8 فيبروري تي شينهن تي ٺپو هڻي نواز شريف کي وزيراعظم بڻائي ته جيئن ملڪ جي ترقي ۽ مهانگائي کان نجات واري پروگرام تي تيزيءُ سان عمل ٿي سگھي. هوڏانهن پاڪستان مسلم ليگ ن چونڊ سرگرمين جي سلسلي ۾ 22 جنوري تي مانسهره ۾ قائم ٺاڪره اسٽيڊيم م عوامي پنڊال سينگارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ نواز شريف خطاب ڪندو.