ڪوئيٽا (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ميان نوازشريف پنجاب کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏئي 30 سالن کان پوءِ به پنجاب جي سياست ڪئي، انهي کي پنجاب جي بجاءِ پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ملڪي سطح تي بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ گهرجن. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ ادائيگي هاڻ وزيراعظم جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي، بجلي جا بل ادا ڪرڻ عوام لاءِ ممڪن نه رهيو آهي، حافظ نعيم چيو ته هاڻ خبر پئي ته بجلي نه ٺاهڻ جا پئسا ورتا ويا آهن. هنن ماڻهن پئسا به ورتا ۽ ٽيڪس به نه ڏنو. حڪومت آءِ پي پيز کي لغام ڏئي عوام کي رليف ڏئي آءِ پي پيز سان معاهدن ۾ حڪومتي ماڻهو به شامل آهن.