اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر پلوشه خان ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر نديم افضل چن نواز ليگ اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته رانا ثناءُ الله نواز شريف کي تسلي ڏيڻ لاءِ 125 سيٽون حاصل ڪرڻ جي دعويٰ پيو ڪري حقيقت ۾ پنجاب ۽ 25 سيٽون به نه ليگ کي نه ملنديون. هنن چيو ته نواز شريف مجهي ڪيون نڪالا وارو بيانيو لنڊن ۾ وساري آيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڌندڙ عوامي مقبوليت سبب پرديسي بابو پريشان آهن، رانا ثناءَ، احسن اقبال ۽ سعد رفيق سندس حوصلو وڌائي رهيا آهن، ضمني چونڊن ۾ ن ليگ جي وفاق ۽ پنجاب ۾ ضمانت ضبط ٿي.