ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ميئر لاءِ  پ پ جي حمايت ڪندڙ نواز ليگ ڊپٽي ميئرشپ گھري ورتي، ان حوالي سان پ پ ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن جي ٿيل ويھڪ ۾ پ پ پاران صوبائي وزير سعيد غني،  وقار مھدي،  جاويد ناگوري ۽ نجمي عالم ۽ نواز ليگ پاران ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني، اڪبر گجر، منور رضا ۽ خواجا شھاب شريڪ ٿيا، گڏجاڻي ۾ ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن ميئر جي چونڊ بابت ڳالهيون ڪيون، ان موقعي ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني چيو ته ڪي ايم سي ۾ پ پ جي ميئر جي حمايت ڪندڙ نواز ليگ جون 14 سيٽون آھن،  انھي ڪري ڊپٽي ميئر تي اسانجو حق بڻجي ٿو، پ پ قيادت نواز ليگ کي ڊپٽي ميئرشپ ڏئي، جنهن تي پ پ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته نواز ليگ جي مطالبي کي قيادت آڏو رکيو ويندو،  پارٽي چيئرمين حتمي فيصلو ڪندو،