اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر رائيونڊ ۾ زمين معاملي سان تعلق جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪمال آهي، هاڻ گهر جو جهيڙو منهنجي مٿي ۾ نه لڳائجو. هن چيو ته پنجاب جي مال کاتي جي ڪم ۾ نواز ليگ کي آئون نظر اچان ٿو، رائيونڊ ۾ سرڪاري زمين جعلي چٺيءَ تي منتقل ٿي، چوري پڪڙجڻ تي واپس سرڪار جي نالي ڪئي وئي، ڪنهن کي اعتراض آهي ته عدالتون موجود آهن، ذاتي مفادن خاطر احتساب جو سوال ڪندڙن کي انتقام جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.