ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت دوران جيڪي به فيصلا ٿيا سمورن اتحادين جي مشورن سان ٿيندا هئا، وزارتن جا جهنڊا سڀني ورتا پر مشڪل فيصلا اسان جي کاتي ۾ وڌا پيا وڃن، اسان جي دور ۾ حالتون بهتر هيون، جڏهن آر ٽي ايس آڻي ۽ لاڏلن کي گهرائيندا ته پوءِ پاڪستان ته ڀوڳيندو، ڪالهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 2023ع کان اڳ هتي ٻوري بند لاش ۽ هڙتالون ملنديون هيون، اسان هن شهر کان ورتو ڪجهه ناهي پر ڏنو آهي، اسان کي فخر آهي ته ڪراچي پوري ملڪ کي ڪمائي ڏيندڙ شهر آهي، پر افسوس آهي ته هن شهر کي تباه ڪيو ويو آهي، هتان ته ڪچرو به نٿو  کنيو وڃي، لاهور وٽ ڪراچي جي ڀيٽ ۾ وسيلا گهٽ آهن پر ترقياتي ڪم وڌيڪ ٿيا آهن، ڪراچي کي به هڪ شهباز شريف گهرجي، هن چيو ته سنڌ وارن کي گذارش ٿو ڪريان  ته ن ليگ کي ووٽ ڏنو، ڪالهه دنيا ڪراچي جهڙو بنجڻ ٿي چاهيو اڄ لاهور جهڙي بنجڻ چاهي ٿي، انهي لاهور تي هڪ نالائق بوزدار کي مڙهيو ويو جيڪو اسان جي ڪم کي اڳتي وڌائي نه سگهيو، اسان جيئن سڀني سياسي جماعتن کي لاهور ۾ ويلڪم ڪيو اسان کي به ايئن ئي موٽ ملڻ گهرجي، اسان کي ڪنهن سان اتحاد جي ضرورت ناهي، اسان جو ڪارڪردگي ذريعي مقابلو ڪيو وڃي. ن ليگ سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪري پئي، سينئر قيادت به سنڌ جو دورو ڪندي، ايندڙ اليڪشن ۾  ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڀرپور اليڪشن وڙهنداسين.