ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بلديه ٽائون جي آفريدي ڪالوني ۾ صبح جو 6 لڳي 27 منٽن تي هٿياربندن نواز ليگ سان لاڳاپيل يوسي عابد آباد جي اڳوڻي چيئرمين 65 سالن جي حاجي امان الله آفريدي کي سندس گهر ڀرسان ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي  پڌري ٿيل سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾  ڏسي سگهجي ٿو ته هٿياربند امان الله خان کي پويان کان گوليون هڻي رهيا آهن، ٻئي طرف ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته امان الله کي 30 بور جي پسٽل جون 3 گوليون لڳل آهن، جاچ دوران خبر پوندي ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ هو يا ذاتي دشمني جو نتيجو هو ؟