ملتان (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ هوندي آهي، ڪنهن جو به ميڊيا ٽرائل نه ٿيڻ گهرجي، چونڊون وقت تي ٿينديون. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جهانگير ترين چيو ته اسان هڪ جذبي سان آيا هئاسين، پي ٽي آءِ مان اسان کي وڏيون اميدون هيون پر اها پنهجي موقف تان هٽي وئي، جڏهن ته اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو 2018ع ۾ هو. هن چيو ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ سٺي ڳالهه آهي، ن ليگ سان ڪجهه سيٽن تي ايڊجسٽمينٽ ۽ ڪجهه تي مقابلو آهي، چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهيون، اسان جي پارٽي ڏکين ڪمن ۾ هٿ وجهندي، اسان تجربن مان سکي ويا آهيون. هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي، معيشت ڳالهيون ڪرڻ سان ٺيڪ نه ٿيندي، ان لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين، عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين.