ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ سياسي ماحول ۾ گرمي وڌڻ لڳي : پ پ مخالف اتحاد کي مضبوط بنائڻ لاءِ نواز ليگ جو وفد ڪراچي پھچي ويو، اڳوڻي وفاقي وزير  خواجا سعد رفيق جي اڳواڻي ۾ ليگي وفد جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جي رھائشگاھ تي پھچي ساڻس تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون، بعد ۾ وفد جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال توڙي سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، ليگي وفد اڄ ايم ڪيو ايم جي مرڪز بھادر آباد پھچندو.  ذريعن جو چوڻ آھي ته نواز ليگ اڳواڻن کي پ پ مخالف اتحاد کي مضبوط ڪرڻ جو مينڊيٽ مليل آهي