اسلام آباد/لاهور(بيورورپورٽ+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته اسان عدالت، قانون ۽ عوام جي سامهون سرخرو ٿيا آهيون. قازقستان جي دوري تي موجود وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽ ۾ چيو ته حق ذات هڪ ڀيرو وري فضل ڪيو، مني لانڊرنگ جي ڪوڙي، بي بنياد، سياسي انتقام تي ٻڌل ڪيس مان آزاد ٿيڻ جو هي ڏينهن ڏيکاريو. ان تي الله تعاليٰ جو جيترو شڪر ادا ڪريون اهو گهٽ آهي. هن چيو ته بدترين سازشن، رياستي طاقت جي استعمال ۽ ادارن کي يرغمال بڻائڻ باوجود اسان عدالت، قانون ۽ عوام جي سامهون سرخرو ٿيا آهيون. ٻئي طرف لاهور جي خاص عدالت پاران وزيراعظم شهباز شريف کي مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد ڪرڻ تي نواز ليگ جي ڪارڪنن جشن ملهايو ۽ جهمروين هنيون. ڪارڪنن لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ جشن ملهايو ۽ ڀنگڙا ناچ ڪيو. هنن مٺايون به ورهايون. مسلم ليگ نواز جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪيل ٽوئٽ ۾ چيو ويو ته سياسي طور تي نشانو بڻائڻ لاءِ ٺاهيل جعلي ڪيس ختم ٿي ويو. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته هي فيصلو مسلم ليگ نواز جي فتح آهي ۽ اهڙن ڪوڙن ڪيسن جي حقيقت ڪنهن ڏينهن ته سامهون اچڻي ئي هئي. اڄ فتح جو ڏينهن آهي.