اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون اپيلو بحال ڪري ڇڏيون آهن. عدالت تحريري فيصلو جاري ڪندي ٻڌايو ته نواز شريف جي حفاظتي ضمانت نيب ۽ اپيل بحال پنجاب حڪومت جي فيصلي جي ڪري ڪئي وئي آهي.  16 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جاري ڪيو. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف جون اپيلون بحال ڪرڻ جي درخواست منظور ڪجي ٿي، نواز شريف جي اپيلن کي ميرٽس تي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو.عدالت 19 آڪٽوبر جي عبوري رليف جي ڪري نواز شريف کي ڏيهه واپسي تي گرفتار نه ڪيو ويو. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي گرفتار نه ڪرڻ جي عبوري رليف دوران ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو، نواز شريف جي حفاظتي ضمانت نيب جي واضح ۽ چٽي موقف جي ڪري ڏني وئي، نيب چيو ته نواز شريف جي گرفتاري نه گھرجي. عدالت لکيو ته پنجاب حڪومت سي آر پي سي سيڪشن 401 (2) تحت نواز شريف جي سزا معطل ڪئي. العزيزيه ريفرنس ۾ پنجاب حڪومت پاران سزا معطل ٿي چڪي آهي، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا معطلي جو فيصلو بحال ڪيو وڃي ٿو.