الف ميم
جنهن جو نالو ميثاق جمهوريت هو، تنهن جو نالو ۽ نشان ائين سر بازار رسوا ٿيندو، اهو وهم ۽ گمان به ڪونه هو. بهرحال نواز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن. ارڙهين تاريخ تي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ياد ڪرڻ واري ڏهاڙي تي بلاول ڀُٽو زرداري سڌو سڌو چئي ڇڏيو ته صرف هڪڙي شخص کي وزيراعظم سليڪٽ ڪرڻ خاطر اليڪشن کي ڊگهو ڪيو پيو وڃي.حالتون جهڙي انداز سان نواز شريف جي حق ۾ سازگار بنجي رهيون آهن، انهي مان لڳي رهيو آهي ته چوٿون دفعو به اسٽيبلشمينٽ نواز شريف مٿي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.
نواز شريف به پاڪستان جي سياست جو هڪ نادر نمونو آهي، جيڪو اقتدار کان ٻاهر ڪجهه ٻيو هوندو آهي ۽ جڏهن کيس اقتدار ۽ اختيار ملندو آهي ته پوءِ هن جا رنگ روپ نرالا هوندا آهن. غرور ۽ تڪبر جي انتها تي پهچي ويندو آهي. پنهنجي ئي سليڪٽرن جا جهيڙا ڪرڻ شروع ڪندو آهي، انهن ۾ مشرف واري ڪيس کان سواءِ باقي سڀ جهيڙا هميشه کيس ڦٻي ويا آهن. هن جنرل آصف نواز، ڪاڪڙ، غلام اسحاق خان، سجاد علي شاھ، مشرف سان جهيڙا ڪري اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکاريون. فيض حميد ۽ باجوا هن جي آخري جهيڙي جون علامتون آهن. نواز شريف جو سياسي رڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن ڀيري وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ جيڪڏهن سليڪٽرن سان سندس ڪو جهِيڙو ٿيو ته انهي جو نتيجو يا آر يا پار ئي هوندو.پنجاب جو ڊوميسائيل پنهنجي جاءِ تي خاص اهميت رکي ٿو، جنهن جي ڪري ڪنهن به جهيڙي ۽ نافرماني جي صورت ۾ به بخشش جا دروازا هميشه کليل ئي رهن ٿا.سياسي منظر نامي تي نظر وجهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هن ڀيري نواز شريف کي ملندڙ اقتدار ۾ سندس اتحادي اهي نه هوندا، جيڪي ميثاق جمهوريت ۾ لکيل آهن. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو بيان به اڻ سڌي طرح ميثاق جمهوريت جي ختم ٿيڻ جو اعلان ئي سمجهڻ کپي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ هن اليڪشن ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هوندا ۽ انهيءَ صورتحال ۾ سليڪٽر ضرور پراڻا آءِ جي آءِ جهڙا فارمولا آزمائيندا. پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي پرزن کي ٽوڙي ڦوڙي نون ليگ ۾ شامل ڪيو ويندو يا انهن کي اتحادي بڻايو ويندو، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ فضل الرحمان ۽ “باپ” جي صورت ۾ هن وٽ پهرين ئي اتحادي موجود آهن. رهي سنڌ اها نواز شريف جي ايجنڊا تي ڪڏهن رهي ئي نه آهي. نواز شريف جو سنڌ طرف انهي طريقي جو رويو سدائين پيپلزپارٽي کي فائدو پهچائيندو رهيو آهي.
جڏهن به نون ليگ کي اقتدار مليو آهي، تڏهن هڪ طرف پنجاب راڪيٽ اسپيڊ سان ترقي ڪئي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ جا سڀ حساب ساري ساري ورتا ويا آهن. وزير اعظم هوندي به نواز شريف ۽ نون ليگ ڪڏهن به سنڌ کي ڪا اهميت ئي نه ڏني ۽ اهوئي سبب هو ته مجبور ٿي نون ليگ جي صوبائي قيادت کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي پئي. اسماعيل راهو سميت نون ليگ جا اڪثر اڳواڻ سندس وزارت عظميٰ جي ڏينهن ۾ کيس سلام ڪرڻ لاءِ سڪندا هئا. نواز شريف جي انهي غرور ۽ تڪبر جو سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ٻين صوبن ۾ تحريڪ انصاف ڀرپور فائدو ورتو. نتيجو اهو نڪتو ته هڪ طرف سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي وئي ۽ ٻئي طرف ڪپتان جي مغز ۾ نواز شريف کان ست رتيون وڌيڪ تڪبر جي هوا ڀرجي وئي.امڪان آهي ته هن ڀيري سنڌ ۾ نون ليگ کي ايم ڪيو ايم، ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اتحادي برگيڊ جي صورت ۾ ڀرتي ڪري ڏنا وڃن ته جيئن هو پيپلزپارٽي جي رستا روڪ ڪري ڇڏي. ٻيو مزو اهو ٿيندو ته پيپلزپارٽي ۾ ويٺل سادن ڪپڙن ۾ سرڪاري ماڻهن جو ڀڄڻ ڏسجو. خانداني طور تي اسٽيبلشمينٽ جا ٻڌا ٻانها رهندڙ همراهه هڪڙي فون تي ادا ۽ ادي کي ڇڏڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. انهي جو فائدو اتر سنڌ، لاڙ ۽ ٿر جي انهن جيالن کي ٿئي نه ٿئي، جن کي ضياءَ، ڄام، مشرف ۽ ارباب جي باقيات جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي پر سندن هانءَ تي ڇنڊا ضرور پوندا.هونئن به پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اليڪٽيبلز جي چڪر ۾ پنهنجي نظرياتي ورڪر واري سگهه مڪمل طور تي وڃائي ويٺي آهي. بس انهي پنهنجي سياسي عجائب گهر ۾ عاجز ڌامراهه ۽ تاج حيدر جي شڪل ۾ ڪجهه هاٿي جا ڏيکارڻ وارا ڏند رکيا آهن. جڏهن ته پارٽي تي مڪمل قبضو سسٽم جي ماڻهن جو آهي، جن کي علائقا، وزير ۽ کاتا ورهائي ڏنا ويا آهن. انهي ڪارپوريشن ۽ ڪاروبار کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سسٽم پورو زور لڳائيندو ته اقتدار هٿ مان نه نڪري. اڃا اليڪشن جي ڪچ پڪ آهي پر مال مست سسٽم زاده هينئر کان ئي پنهنجون سيٽون، ٽڪيٽون ۽ وزارتون ورهايو ويٺا آهن. انهن مان اڪثريت اهِڙن جي به آهي جن اڳواٽ پنهنجي بڪنگ جي پئمينٽ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. /ڏسو صفحو 7 بقايا 01
نواز شريف کي جنهن تيزي سان انصاف ملي رهيو آهي، انهيءَ تي لال مالهي جو ٽوئٽ ڏاڍو وقتائتو لڳو، هن لکيو ته ايترو جلدي ته دڪان تان پاءُ پڪوڙا به نه ملندا آهن، جيترو جلدي عدالت نواز شريف کي اڳواٽ ضمانتون ڏئي رهي آهي. سالن جا سال انصاف خاطر عدالتن جا چڪر ڪاٽيندڙ خلق انهي راڪيٽ انصاف تي اچرج جو شڪار ضرور آهي.