لاهور(م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته نواز شريف کي مائنس ڪندڙ پي ٽي آءِ باني پاڻ پارٽي ۽ گهر مان مائنس ٿي ويو.پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته عمران خان کي سندس ڀيڻ عليما خان ۽ پارٽي ئي مائنس ڪري ڇڏيو، عليما خان مسلسل علي امين گنڊاپور خلاف سازشون ڪري رهي آهي، ڪي پي جي وڏي وزير به پنهنجي خلاف سازشن جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته خيبر پختونخواهه 12 سالن کان ڪرپٽ ٽولي جي رحم ڪرم تي آهي، پنجاب گڊ گورننس، شفافيت ۽ ميرٽ ۾ باقي صوبن لاءِ رول ماڊل آهي، سڀني وڏن وزيرن ۾ مريم نواز جي ڪارڪردگي نمبر ون آهي